هيءُ ڪتاب ناليواري اديب ظفر حسن جي آتم ڪٿا جو پهريون حصو آهي. جنهن ۾ ليکڪ يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي. ليکڪ پنهنجي يادگيرين ۽ ملڪ ۾ صورتحال تي سليس انداز ۾ تجزيو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن واقعن کي جدا جدا، تاريخن ۾ ورهايو آهي. ليکڪ هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي امڙ بيبي حسنا سيد کي ڪئي آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفهي ڪتاب ديوان ڏيارام گدومل جي سوانح حيات تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جو اتهاس، ڪجهه ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن جو احوال يادگار تصويرن سان گڏ پڻ ڏنو ويو آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفھي ڪتاب مرزا صاحب ستر ورھين جي ڄمار ۾ لکيو ھو. مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ سندس اهڙي ئي تصنيف آهي، جنهن لاءِ مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اُها اُن وقت جي سنڌ جي مڪمل ۽ ڀرپور عڪاسي آهي، جنهن ۾ هن نه صرف پنهنجي ڪٽنب ۽ ذاتي زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي. ليڪن هن سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي سماجي زندگيءَ، توڙي پنهنجي دور جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن سان پنهنجي ذاتي حوالن ۽ واسطن جو ذڪر بلڪل بي ريا انداز ۾ ڪيو اٿس.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفهي ڪتاب انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جي آتم ڪٿا تي ٻڌل آھي. هي ڪتاب نوجوان نسل ۾ اتساهه جو باعث بڻجندو، نوجوان نسل پنهنجون ڊگهيون سوچون هن ڪتاب تي کپائي، پنهنجي من کي انقلابي پاڻي ڏيئي، انقلابي راهن طرف پنڌ ڪندا، ته جيئن محڪوم ديس جو ڪومايل چهرو مُرڪي پوي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفڪيرت ٻاٻاڻي هڪ مها ديش ڀڳت سنڌي، ترقي پسند اديب، برطانوي سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ بهادر شاگرد، سنڌ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ جو وچن ڪندڙ، گرفتار ڪري زوري جلاوطن ڪيو ويندڙ وطن دوست ليکڪ، هند ۾ سنڌيت جي هلچل جو هڪ اهم اڳواڻ، ورهاڱي کي ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين نه قبوليندڙ ذهين شخص، هند جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سموري حياتي قربان ڪندڙ شخصيت ھيو.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفمنگهارام ملڪاڻيءَ جي علمي، ادبي ۽ خاص طور تي ناٽڪن سان دلچسپي ھئي. منگهارام ملڪاڻي جديد سنڌي ناٽڪ جي ان داتا هئڻ سان گڏ هڪ برک نقاد ادبي تاريخ نويس پڻ هو. هن 1940ع واري زماني ۾ جدا جدا سنڌي رسالن ۾ نثر جي ڌار ڌار صنفن تي ڪيترائي ليک لکيا، جن ۾ انهن صنفن جي ترقي جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو ورتل هو. اي جي اتم، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي فن ۽ شخصيت تي بھترين سوانحي ڪتاب لکيو آھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفحفيظ قريشي سائين جي ايم سيد جو گهِرو پر حُجتي ۽ سچو کرو دوست هيو، هُو خوددار بيباڪ، بي ڊپو، معتبر، ڏاهو، مقرر، مدبر، قانون دان، قوم دوست، عاشقِ سيد ۽ سنڌ هُيو، پاڻ پيشي جي لحاظ کان وڪيل هيو، ان ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان وٺي عام جلسن تائين هو خطاب ۾ سنڌ جو ڪيس اهڙو وڙهندو هو جو حفيظ قريشي جي وڇوڙي کان هِن مهل تائين سنڌ جو اهڙو سچو ۽ کرو وڪيل پيدا ناهي ٿي سگهيو. ڪتاب ۾ شيخ اياز، جمال ابڙي، عبدالوحيد ڪٽپر، اعجاز منگي، حسن مجتبيٰ، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، خاڪي جويي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي جا حفيظ قريشيءَ جي شخصيت تي لکيل مضمون ۽ حفيظ قريشيءَ جا لکيل مختلف مضمون پڻ شامل آھن.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياسي رھنما ۽ ليکڪ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي يادگيرين جو ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ اڳيان پيش آھي.
ڪامريڊ جون بيباڪيون ۽ سندس سنڌ سان محبت، سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ سندس جدوجهد کي وساري نٿو سگهجي. ڪامريڊ مير محمد انقلابي سوچ رکڻ سان گڏوگڏ هڪ سماج سُڌار، سياسي، قومپرست ۽ ليکڪ بہ هو، هن پنهنجي اصولن تي ڪڏهن بہ سوديبازي نہ ڪئي.
سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ليکراج عزيز هڪ يگاني هستي هو. هن سنڌي نثر توڙي نظم ۾ پاڻ ملهايو ۽ انهن ٻنهي صنفن ۾ هن وڏي عزت ۽شهرت حاصل ڪئي. ليکراج عزيز اڌ صدي تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو ۽ ان کي مالا مال ڪندو رهيو. اي جي اتم ليکراج عزيز جي فن ۽ شخصيت تي بھترين سوانحي ڪتاب لکيو آھي
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف جويو صاحب مھاڳ ۾ لکي ٿو:
"حشو سنڌ جي تاريخ جو اُھو باب آھي جيڪو ڪڏھن بہ وسرڻ جھڙو ناھي. ھي گمنام بابُ رهجي وڃي ها، جيڪڏهن انھيء کي مدد علي سنڌي ايڏي چاھہ ڀرئي پورهئي ۽ محنت سان عوام جي اڳيان نہ آڻي ها. مدد عليءَ جي حشوءَ سان اُنسيت ۽ سندس باري ۾ تحقيق ڪري حشوءَ جي زندگيءَ جي مختلف پاسن کي اُجاگر ڪرڻ تحسين لائق آهي. آءُ ساٿي مدد علي کي جس ڏيان ٿو، جنهن سنڌ جي ھڪ انقلابي پُٽ جي ڪهاڻي اسان کي تفصيل سان ٻڌائي آهي"
”پردا سڀ پاسي ٿيا“ هڪ محنتي شاگردياڻي، ذمہ دار اُستاد، پرخلوص ۽ محبتي مزاج واري شخصيت جي زندگيءَ جو داستان آهي. مون هن داستان جو فقط مسودو نہ پڙهيو آهي بلڪہ خود ”صبا“ کي بہ پڙهيو آهي. سندس حساس طبيعت، اٽل ارادو، يادگيري ۽ حافظي جي قوت، ماڻھو شناسيءَ جو ذوق اعليٰ درجي جو آهي جو هر هڪ وٽ ڏِسڻ ۾ نہ ايندو، خاص طور سندس ياداشت غضب جي آهي.“
آتم ڪٿا ’پردا سڀ پاسي ٿيا‘ ۾ زندگيءَ جي سڀني پَـھَلوئن ڏُکن، سُکن، خوشين، غمين تي لِکيو ويو آهي. توڻي جو ليکڪا نورالصباح قاضي جي قلم مان سرجِيَل هيءَ پھرين تخليق /پھريون ڪِتاب آهي، پر اوهان جڏهن هِن آتم ڪٿا کي پڙهندا تہ اِهو بِلڪل وِساري ويھندا تہ واقعي ليکڪا جو لکيل هي پھريون ڪِتاب آهي.
سوز ھالائي جنھن جي نالي ۾ ئي سوز شامل آھي تہ ان جي حياتيءَ جا واقعا ڪھڙا نہ سوز ڀريا ھوندا، پر ھن سوز ۾ ساز بہ شامل آھي. ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ سوز صاحب پنھنجي دل جي دھليز تان ڪٿي ڏک ڀريون تہ ڪٿي وري سُک ڀريون ڳالھيون نھايت من موھڻي انداز سان ڪيون آھن. سوز پنھنجي ھمعصر اديبن تي جي باري ۾ خوب دل سان لکيو آھي. سوز ھالائيءَ ھن ڪٿا ۾ پنھنجي پھرئين پيار ”ڪملا“ جو ذڪر پڻ خوبصورت انداز سان ڪيو آھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف نامياري شاعر ۽ ليکڪ شاهه محمد پيرزادي جي جيون ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب ”ڀورائيءَ ۾ ڀالَ“ اوھان اڳيان پيش آهي.
شاهه محمد جو هن ڪتاب ۾ توڻي زندگيءَ ۾ آئيڊيل شخص هن جو والد آهي ان کان ٻاهر ادب، سياست، مذهب، ۾ هُو پنهنجي چاچن جي اثر هيٺ ڪجهه عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ ئي آهي. خاص طور تي انور پيرزادي صاحب جي. ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي صاحب جي، هڪ شخص جي حوالي ۾ هن جيڪا پنهنجي سعادتمندي ظاهر ڪئي آهي اها هن جي روحانيت پڻ ظاهر ڪري ٿي.
ڪتاب ”پرمانند ميوارام (سنڌي نثر ۽ لغت نويسيءَ جو ماھر)“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار ۽ سھيڙيندڙ انعام شيخ آھي.
سنڌي ٻوليءَ جي فدائي، عاشق ۽ پيار ڪندڙ پرمانند ميوا رام رامچنداڻيءَ جو نالو سنڌ جي ساھتي اتھاس ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. کيس سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نہ رڳو لغت نويسي، نثر نگار، پترڪار مھاشيواڌاري شخصيت طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ جديد دور جي سنڌي نثر جي مُک ٿنڀن مان کيس بہ ھڪ ٿنڀي طور مڃتا ملي. پرمانند، ميوارام ”سنڌي انگريزي لغت“ ۽ ”انگريزي-سنڌي لغت“ جهڙيون محنت طلب تصنيفون به اسان کي ڏنيون. ازانسواءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي تحقيق موجب، سنڌي ۾ پهرين اصولڪي آکاڻي يا ڪهاڻي جو خالق به هي پرمانند ميوارام هو جنهن جو عنوان هو ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو.“
ڀيرو مل مھر چند سنڌي ٻوليءَ جي انھن چند ساڃاھ وند عالمن مان ھو، جن ادب سان گڏ ٻين علمن ۾ پڻ بنيادي ڪم ڪيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو مشھور عالم، اديب ۽ تاريخدان ھو، جنھن جي ڳڻپ جديد سنڌي نثر جي معمارن ۾ ڪئي وڃي ٿي. سندس جيون ڪٿا پڙھڻ سان سنڌي ادب جي واڌ ويجه، خاص ڪري انگريز دور بابت باخبر ٿيون ٿا. ان کان سواءِ ان دور جي تضادن، تحريڪن ۽ رجحانن بابت پڻ ڄاڻ ملي ٿي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف