جيل ڊائري

ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

جولس فوچڪ / سنڌيڪار: نور خان
جيل ڊائري

جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ھٿين ھٿ ڪڙول

طارق اشرف
جيل ڊائري

طارق اشرف کي ٻيو ڀيرو 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو اھو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن طارق اشرف کان ”هٿين هٿ ڪڙول“ (جيل جي ڊائري) لکرايو, جنھن ۾ھـُن پنهنجي جيون ساٿي کي خطن ذريعي جيل جي گھڙين کان واقف ڪيو آھي. ان ۾ ملاقات لاءِ اچڻ وارن، جيل جي ساٿين ۽ ٻين ڳالھين جو ذڪر ڪيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مان ھڪ سنڌي ليکڪ آھيان .ڇا مون ڪا چوري ڪئي آھي؟ ڪو اخلاقي جرم ڪيو آھي؟ جو مونکي جيل موڪليو ويو آھي؟ منهنجو اھو ڏوھ آھي تہ مون سچ لکيو آھي. ھر ليکڪ ھٿڪڙين ۽ جيلن کان ڊڄي قلم تہ نہ ڦٽو ڪندو. نہ ئي قلم وڪڻندو. ڇو تہ اھڙو بہ وقت ايندو جڏھن نہ ھن لاء جيل ھوندا، نہ حڪومتون، نہ ئي انعام ۽ عهدا ھوندا ڇو تہ ھڪ ڏينهن دنيا ۾ ھن جي قلم سان لکيل لکڻيون رھنديون.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ترم ياترا

عبدالواحد آريسر
جيل ڊائري

”ترم ياترا“ سنڌ جي نالي واري دانشور ۽ قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر جي جيل جي يادگيرين تي مشتمل ڊائري آهي، جيڪو جيل هن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪاٽيو هو. هن ڪتاب جو انتساب سائين ’جي. ايم. سيد‘ جي نالي ڪيو ويو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڪوٽ لکپت جو قيدي

رسول بخش پليجو
جيل ڊائري

پليجو صاحب لکي ٿو: ”ھيءَ ڊائري منھنجي فڪر ۽ شعور جي ڀيٽ ۾ ذھن ۽ روح مان ازخود اٿي نڪرندڙ احساس ۽ ويچارن جو پاڻ مرادو وھڪرو وڌيڪ آھي. ھن ڊائريءَ جا ورق وري پڙھندي مون پاڻ کي وري بہ خيرپور، حيدرآباد، سکر ۽ ڪوٽ لکپت جيلن ۾ ويٺل محسوس ڪيو. جيل ۾ گهاريل زندگي ھن ڊائريءَ جي ڪري منھنجي شعور جو ھڪڙو اڻ ٽٽ حصو بڻجي وئي آھي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

جيل گهاريم جن سان

طارق اشرف
جيل ڊائري

طارق اشرف جي جيل جي اندر وارن سياسي ساٿين بابت خاڪا آھن. انهن ۾ سردار شير باز خان مزاري، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش ۽ جنرل شيروف سميت ڪل ٻارھن ماڻھن بابت خاڪا آھن. رسول بخش پليجي واري خاڪي ۾ صفائي سٿرائي، ننهن وڌڻ، بوٽ پالش ۽ اھڙن ٻين معاملن تي تفصيل سان لکيو اٿس. بهرحال ھي خاڪا طارق جي ساٿي سياسي قيدين جي عادتن ۽ ذات بابت آھن ۽ دلچسپيءَ کان خالي نه آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

جيل جي ڊائري

بدر ابڙو
جيل ڊائري

بدر ابڙو 1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته بدر ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو . ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو.ھي ڪتاب سندس ان ئي دور جي جيل ڊائري آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

پلصراط (جيل جي ڊائري)

ڊاڪٽر دودو مھيري
جيل ڊائري

ڊاڪٽر دودي مهيريءَ کي جڏهن 1992ع ۾ گرفتار ڪري فوجي حراست ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي، هي انهي زماني جي جيل جون يادگيريون آهن، جيڪي پيرائتي نموني سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن. کيس ڪڏھن حيدرآباد سينٽرل جيل، ڪڏھن نارا جيل تہ ڪڏھن سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو جنھن دوران سندس والد جي وفات بہ ٿي. ڪتاب جو مهاڳ سردار شاهه لکيو آهي، جنهن ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي ڪردار ۽ سنڌ جي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي سهڻي نموني چٽيو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

روڊريجو روجاس / رئوف نظاماڻي
جيل ڊائري

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڪايا مَنجَهه ڪَڙَن

علي محمد شاهه لڪياري
جيل ڊائري

” ڪَايا مَنجهه ڪَڙن “ محترم علي محمد شاهه لڪياري جي جيل ڊائري آهي. هن جيل ڊائريءَ ۾ 1980ع جي ڏهاڪي واري دور جي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قوم پرست شاگرد سياست ۾ علي محمد شاهه جي شاگردي واري زماني ۾ هم آهنگي ۽ اُن سياست جي سفر ۾ آيل ڀوڳنائن ۾ جيل ياترا جو دور ۽ قيد وبند جون يادگيريون تحرير ٿيل آهن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

جنين لوهه لڱن ۾ (جيل ڊائري)

علي ھينري / يوسف سنڌي
جيل ڊائري

هيءُ ڪتاب الجزائر جي صحافي علي هينريءَ جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل آهي. جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪري ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان بيان ڪيا آهن. علي هينري فرينچ هوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي هم قوم حڪمرانن خلاف وڙهيو. نتيجي ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيائين، سو سڀ هن ڊائريءَ ۾ ڄاڻايو اٿس. هو لکي ٿو ته: هنن لفظن پڙهڻ مهل اوهين انهن ماڻهن بابت ضرور سوچيندا هوندا، جيڪي گم ٿي ويا آهن، جن کي پنهنجي آزادي ماڻڻ جو يقين هو ۽ جيڪي هن گهڙيءَ به بي ڊپا ٿي پنهنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. انهن بابت، جيڪي ٽياس تي ٽنگيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ جيڪي نفرت ۽ تشدد جي باوجود به فرينچ ۽ الجزائري ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ تي يقين رکن ٿا، ڇو ته هيءُ ڪتاب انهن مان هر هڪ جي ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 1067
ڪتابن جو مشاهدو: 3443475
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 924432
2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ