سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟“
حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
هي ڪتاب مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار دادا سنڌي آھي.
تاريخي شعور جي اها تقاضا آهي ته، اسان جتي ان بيداري تي اطيمنان ۽ خوشي جو اظهار ڪريون اتي، هر وقت ان جو تنقيدي جائزو به وٺندا رهون. هن موضوع تي، جديد دور جي هڪ نالي واري فڪر ۽ اسلامي بيداري جي هڪ محترم اڳواڻ مولانا سيد ابوالحسن علي ندوي جي هڪ لکڻي پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ مولانا محترم، موجوده اسلامي بيداري تي هڪ طائرانه نظر وڌي آهي، ۽ بي ريا تبصرو ڪري، تنقيدي جائزو به پيش ڪيو آهي ۽ احياءَ اسلام جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙن کي، ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن.
هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف ڪتاب ”وياج ۽ ان جون تباهه ڪاريون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ شمس ابن ضيا ابن بلبل آهي. پاڻ لکن ٿا:
”وياج تي هن ننڍي ڪتاب جي لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿي جو منهنجي خيال ۾ 90 سيڪڙو مسلمانن کي اها خبر ئي ڪانهي ته اسلام ۾ وياج ڪيڏو وڏو ۽ سنگين گناهه آهي. جنهن جي مغفرت ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.“
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عروس القرآن : سوره الرحمان جو منظوم ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي. منظوم ترجمو محترم سعد الله سپاهي ابڙو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو جو ڪيل آهي.
پهريون دفعو هي ترجمو 1951ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو پاران مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون خادم گهراڻو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفقرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفهن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف