غوث پيرزادو

شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار ۽ سماجي ڪارڪن غوث پيرزادي جو پورو نالو غوث بخش ولد ڪريم بخش پيرزادو آھي. پاڻ 3 آگسٽ 1968ع تي ڳوٺ ٻلھڙيجي، لڳ موهن جو دڙو، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم.اي سنڌي ۽ ايم.اي سوشيالوجي آھي. ھن لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪئي.  ھن نثر ۾ ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعريءَ ۾ غزل، نظم، ٽيڙو، بيت وغيرہ لکيا آھن. سندس تخليقون عبرت رسالو، سوجهرو، سارس، لھرون، همرچو، امرتا، سارنگا، عوامي آواز، جاڳو ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپبيون رھن ٿيون. سندس ھيٺيان ڪتاب ڇپيل آھن:
•    “مُئل ضمير جو مرثيو” شعري مجموعو ترجمو 2001ع.  
•    “چيڪي مٽي” 2010ع شاعريءَ جو مجموعو، 
•    “رمجهول” شعري مجموعو  2016ع.
غوث پيرزادو ھن وقت  گلشن حديد ڪراچي ۾ رھي ٿو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ڪارڪن آھي.
 

  • جنم: 1968-08-03
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image