م ن محزون
محزون صاحب جو جنم 10 جولاءِ 1933 ع تي ميھڙ ۾ رئيس شفيع محمد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو محمد نواز هو. پاڻ سنڌي چار درجا ميھڙ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ چوٿين اسٽينڊرڊ تائين ميھڙ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو بي اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين، ۽ ايم اي بي ٽي ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين، بعد ۾ هوميوپيٿڪ آڪسفورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور ما پاس ڪيائين.
سرڪاري نوڪري جي شروعات آرمي ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عھدي سان ڪيائين، پر ٽريننگ دوران پير مُڙي پوڻ ڪري ان فٽ قرار ڏنو ويو، ان کان پوءِ ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر بڻيو، جتان پاڻ استعيفا ڏنائين، ۽ ڪجهہ وقت ٻين سرڪاري کاتن ۾نوڪري ڪيائين، 1958ع ۾ هاءِ اسڪول ميھڙ ۾سينيئر ٽيچر ٿيو خيرپور ناٿن شاهہ هاءِ اسڪول ۾ پڻ سينيئر ٽيچر رهيو، اهڙي طرح خانپور، نصير آباد، راڌڻ ۽ ٻين هاءِ اسڪولن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو، 1986ع کا 1988ع تائين تعليم کاتي ميھڙ ۾ ايس ڊي اي او جي عھدي تي ۽ 8 جولاءِ 1993ع تي بحيثيت هيڊ ماستر جي هاءِ اسڪول سنڌي ٻٽڙا مان رٽائر ڪيائين، رٽائرمينٽ جي ڪجهہ عرصي کانپوءِ کيس ڀٽائي هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهہ (پرائيويٽ) ۾ بحيثيت هيڊ ماستر جي ذميواريون سونپيون ويون، پاڻ آخر تائين ان اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو.
محزون صاحب کي پنھنجي والد پاران فوجي اسپرٽ ۽ والدہ پاران ادبي روح ورثي ۾ مليو، محزون صاحب جي والدہ سنڌ جي مشھور عالم، سياستدان، شاعر شمس الدين ”بلبل “ جي پٽ، وقت جي مشھور شاعر عبدالفتاح ”بلبل “ جي نياڻي آهي ، محزون صاحب جي شادي 1964ع ۾ سعودي عرب ۾ مقيم سندس والد جي ماروٽ جي ڌيَءُ سان ٿي، کيس چار پٽ ۽ ٽي نياڻيونآهن. محزون صاحب کي لکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، هن لکڻ جي شروعات مئٽرڪ دوران ”نور جھان “ عنوان سان هڪ انگريزي نظم کي سنڌي ويس ڍڪائڻ سان ڪئي، پاڻ ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ پھريون درجو انگريزي پڙهڻ وقت ميھڙ جي هڪ سنڌي سک ڊيلاسنگ جي لئبريري جو هڪ روپيو ڏئي ميمبر ٿيو ۽ هر روز هڪ جاسوسي ناول پڙهي ٻئي ڏينھن ٻيو ڪتاب کڻندو هو، جڏهن منشي عبدالشڪور حيدرآباد مان هلال پاڪستان اخبار ڪڍي تہ نون ليکڪن جي همت افزائي خاطر ڪنھن بہ ليکڪ جي ڪھاڻيءَ کي پهريون نمبر ملڻ تي ٻن مهينن تائين اخبار مفت ۾موڪلڻ جو اعلان ڪيائين، اتفاق سان جنھن ڪھاڻي کي پهريون نمبرمليو، اها محزون صاحب جي ڪھاڻي ”ڀنگ “ هئي، اهڙي طرح هن وري ٻيھر ادبي دنيا ۾ پير پاتو، کيس اخبار ڪجهہ وقت تہ ملندو رهيو پر پوءِ بند ٿي وئي، پر اهڙي همت افزائي سندس ادب جي اجهاڻل جوت کي جرڪايو، ان کانپوءِ هو لڳاتار لکندو رهيو، محزون صاحب پنھنجي لکڻين جي حوالي سان هڪ انسان دوست اديب هو، اها انسان دوستي ئي هئي، جنھن محزون صاحب کي عام ماڻھن جي مسئلي ڏانھن متوجھہ ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ پراڻي پيڙهيءَ هوندي بہ ترقي پسند نظرين ۽ خيالن کي اپنايو، سندس لکڻين مختلف دورن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾پٿر اڇلي تحرڪ پيدا ڪيو. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ماڻھن ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان عشق هو، سنڌ جي مسئلي تي هن ڪڏهن بہ ڪمپرومائيز نہ ڪيو، پاڻ سڄي عمر ادب جي آڙ ۾ ڪنھن بہ فائدي وٺڻ جي ڪوشش نہ ڪيائين. محزون صاحب هڪ سٺو ڪھاڻيڪار بہ هو، سندس 60 کان مٿي ڪھاڻيون ڇپيل آهن، سندس ڪھاڻين جي هڪ وڏي خوبي دلڪش ٻولي آهي، انھن ڪھاڻين ۾ هن جا ڪردار نہ فقط پنھنجي جذبن ۽ حالتن پٽاندڙ ڳالھائين ٿا، پر سندس بياني انداز بہ خوبصورت آهي، سندس ڪھاڻين جا موضوع ڪردار ۽ ٻولي سنڌي آهي، پنھنجين ڪھاڻين ۾ معاشري کي نوان رخ ڏيڻ ۽ اصلاح ڪرڻ جو سبق بہ ڏيندي نظر اچي ٿو. هڪ مترجم جي حيثيت ۾ محزون صاحب سنڌ ۾ پھريون شخص هو، جنھن خليل جبران کي سنڌي ۾متعارف ڪرايو، هن ڏيھي ۽ پرڏيھي ادب ۽ اديبن جا مختلف موضوعن تي ڪتاب، ناول، ڪھاڻيون ، مضمون ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، سندس ترجمو ڪيل تحريرن جو اهو وڏو ڪمال آهي، جو پڙهڻ وقت محسوس ٿيندو تہ پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تحرير پڙهي رهيو آهي. مصور هئڻ جي ناتي سندس مشاهدو عام ماڻھوءَ کان وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گھرو هو، 1965ع ۾ جڏهن آمريڪن سينٽر لئبرري حيدرآباد ۾ پينٽنگس جي جيڪا نمائش ٿي هئي تنھن ۾ سائين ظفر ڪاظميءَ، محزون صاحب کي حصي وٺڻ لاءِ زور ڀريو، سندس ٽي تصويرون نمائش ۾رکيون ويون، سندس ٺاهيل تصويرن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، اهڙي ريت مختلف رسالن، رهبر ڊائجسٽ، ملير ڊائجسٽ ۽ مختلف اديبن جي ڪتابن جا ٺاهيل ٽائيٽل سندس بھترين مصور هئڻ جا شاهد آهن.
محزون صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ 1.ڪنوار جي سيج (جبران-ترجمون )، (2) ڀڳل کنڀڙاٽيون (جبران –ترجمون)، (3) مجنون (جبران –ترجمون)، (4) پيغامبر ( جبران –ترجمون )، (5) پيغامبر جو باغ (جبران –ترجمو)، (6) مرشد جو نينھن ۽ نياپو(جبران –ترجمو)، (7) انسان ۽ شيطان (جبران –ترجمو)، (8) لڙڪ ۽ مرڪ (جبران –ترجمو)، (9) خالد بن وليد (ريسرچ ورڪ تاريخ )، (10)سلطان صلاح الدين ايوبي (ريسرچ ورڪ تاريخ)، (11) درس محبت (ابو الڪلام آزاد، ترجمو)، (12)هڪ دور جو ماتم (اليگذنڊر سولزي نٽسن (ترجمون ۽ تلخيص )، (13) پرنس (ميڪاولي-ترجمو)، (14) بائيبل قرآن ۽ سائنس،(15) سائين جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئا سھڻو (سررائيڊ هئگرڊ جي ڪتاب ”ماريا “ جو ترجمو)، (16)هڪ مجرم جو اعتراف (ڪرنل ميڊوز شيلر –ترجمو ) ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن تہ سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ خليل جبران جا ترجمو ڪيل ڪتاب (1) سمنڊ ۽ جهڳ، (2) محبوبا ڏانھن خط، (3) ديوتا (4) خدا ۽ ناخدا (5) آسماني آواز (6) عصمت چغتائي جا ڪتاب (7) امرتا پريتم جا ڪتاب هڪ هئي سارا ۽ رسيدي ٽڪيٽ (8) سيرت النبي (ريسرچ ورڪ تاريخ) (9) سيرت سيد المرسلين ص، (ريسرچ ورڪ) (10) ﷲ ۽ ﷲ جي رسول فرمايو(ريسرچ ورڪ) (11) سيرت النبي صہ (ترجمو) (12) دهشتگرد (ايڇ ٽي سورلي)(13) ڏوهيءَ قبوليو ڏوھ (ناول-ترجمو) (14) ماءُ جو انتقام (ترجمو) (15) چي گويرا جي بولوين ڊائري (16) سنڌ جي تاريخ ( ريسرچ ورڪ) (17) مٽيءَ جا خواب (فلسطيني ناول ترجمو) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن تہ سندس ڪيترائي ڪتاب مختلف پبلشرن کي ڏنل هئا، ان کانسواءِ سندس ڪيترائي اصولوڪا توڙي ترجمو ڪيل مضمون، ڪھاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو مشھور اديب، دانشور، مصور، مترجم، ڪھاڻيڪار، محقق ۽ تعليمي ماهر سائين .م.ن. ”محزون “ (محمد نواز محزون “ ڀٽي ) 8 نومبر 1995) بمطابق 13 جمادي الثاني 1416ھ اربع ڏينھن خميس رات سوا ڏهين وڳي گذاري ويو.
- جنم: 1933-07-10
- ورسي: 1995-09-08
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل