علي راز شر
ناليوارو اديب، ڊراما نگار ۽ ڪھاڻيڪار علي راز شر ولد غلام علي، پھرين جنوري 1966ع تي ڳوٺ محمد زمان شر، تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. ھن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ مان 1981ع ۾، انٽر گورنمينٽ ممتاز ڪاليج خيرپور مان 1984ع ۾، بي. اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1986ع ۾، ايم. اي اڪنامڪس ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1988ع ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1991ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي، جنھن تي کيس گولڊ ميڊل پڻ مليو. علي راز شر پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1994ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور ڪئي. 1997ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 2005ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. جنھن بعد ملير ڪينٽ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ 2005ع کان 2006ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 2006ع ۾ تعليم کاتي جي صوبائي وزير جو پي. آر. او مقرر ٿيو، جتي 2007ع تائين رهيو. جنھن بعد 2007ع کان 2008ع تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نان فارمل ايجوڪيشن رهيو. 2008ع کان ھن وقت تائين گورنمينٽ اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي. ھيءُ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي 1998ع کان 2005ع تائين سنڌيءَ جو نيوز ڪاسٽر رهيو. ھي پي. ٽي. وي تي ھفتيوار ادبي پروگرام ‘ادبيات’ جو 2000ع کان 2002ع تائين ميزبان رهيو. ھي 2008ع کان 2011ع تائين آواز ٽي ويءَ تان ادبي پروگرام ‘ڪيفي ادب ’ پيش ڪندو رهيو. سنڌ ٽي. وي تان ادبي پروگرام ‘ڪلا کيتر’ 2013ع کان 2016ع تائين سندس ميزبانيءَ ۾ نشر ٿيندو رهيو. سندس ڪيترائي ڊراما پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس مشھور ڊرامن ۾ پي ٽي وي تان مور جا پر، ڪيمو فلاج، امام دين درزي وغيرہ قابل ذڪر آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (تحقيق: 1994ع)، گئلريءَ مان ڪريل وجود (ڪھاڻيون: 2004ع)، تھذيب جي ارتقا (ترجمو: 2005ع)، ۽ جرنل سنڌي رهنما (سنڌي ادب: 2004ع) قابل ذڪر آھن.
کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آھن، جن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران گولڊ ميڊل (1991ع)، پي ٽي وي طرفان بھترين ڊراما نگار (2008ع)، ايم بي سميجو اوارڊ (2008ع)، سنڌ حڪومت پاران بھترين استاد اوارڊ (2006ع)، ماھوار پرک مئگزين طرفان بھترين ليکڪ اوارڊ (2016ع) ۽ ٻيا قابل ذڪر آھن. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آھي ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھي.
- جنم: 1966-01-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل