course image
Ghulam Mustafa Mushtaq

غلام مصطفيٰ ’مشتاق‘ ميمڻ

 تعليمي ماھر، اديب ۽ مترجم غلام مصطفيٰ ‘مشتاق’ ولد عبدالرحميم ميمڻ، 15 آڪٽوبر 1945ع تي لاھوري محلي، شھر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين، جنهن بعد سکر جي گورنمينٽ ڪاليج مان 1966ع ۾ بي. ٽي ڪري ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. نوڪري دملڻ بعد ايم.ايڊ ۽ ايم.اي (مسلم ھسٽري) پڻ ڪيائين. اٺن سالن تائين ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪرڻ بعد سپروائيزر، پوءِ 1968ع ۾ سترهين گريڊ ۾ ترقي ماڻي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول وڳڻ ۾ ھيڊماستر مقرر ٿيو. جون 1991ع ۾ تعليم کاتي ۾ تعلقہ آفيسر شھدادڪوٽ، نومبر 1992ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ھيڊماستر، مارچ 1993ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اسپورٽس) لاڙڪاڻو، مئي 1990ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ھيڊماستر، آگسٽ 1993ع ۾ تعلقہ آفيسر شھدادڪوٽ، اپريل 1995ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول چڪ ۾ ھيڊماستر، آگسٽ 1995ع ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر (ميل) لاڙڪاڻو، جون 1996ع کان گورنمينٽ ديني مدرسھ ھاءِ اسڪول جو ھيڊماستر، اپريل 1997ع ۾ ھاءِ اسڪول گجڻ پور ۾ ھيڊماستر رهيو، جتان پھرين مئي 1998ع تي رٽائر ٿيو.
سرڪاري نوڪري کان فارغ ٿيڻ بعد بہ تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، کيس الخير يونيورسٽي ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي ڪئمپس ۾ وائيس پرنسپال طور فائز ڪيو ويو. پاڻ سڄي زندگي تعليم سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين. ڪيترن ئي ادبي ادارن جو ميمبر ۽ عھديدار پڻ رهيو، جن ۾ ‘بزم سچل’ جو صدر، ‘سنڌي ساھت سوسائٽي’ سنڌ جو صدر، ‘سنڌي ادبي سوسائٽي’ سنڌ جو صدر، ‘ڀٽائي ادبي تنظيم’ جو صدر، ‘لاڙڪاڻي ھسٽاريڪل سوسائٽي’ جو ميمبر ۽ ‘سچل ادبي’ مرڪز لاڙڪاڻي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. ھن ڪجهه قدر شاعري پڻ ڪئي، جڏهن تہ نثر ۾ گهڻو لکيو اٿس.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘شيطاني چڪر’، ‘سوين سج’، ‘سستو خون مهانگا جذبا’، ‘معلومات مهراڻ’، ‘سچوسرواڻ صه’، ‘پاڪستان ڪوئز’، ‘مخدوم بلاول رحه’، ‘مسلمانن جا سائنسي ڪارناما’، ‘ملا شمن جو وظيفو’، ‘سوچن جي سرهاڻ’، ‘مديني جو مير صه’، ‘مذھب ۽ سائنس’ (ترجمو)، ‘خدا، اسلام ۽ جديد سائنس’ (ترجمو)، ‘مٺڙو رسول صه’، ‘جنرل ناليج’، ‘نفس جو محاسبو’ (ترجمو)، ‘ڳالهيون شاھ لطيف جون’، ‘شاھ جو رسالو’ (ترتيب) کان سواءِ سندس لکيل درسي ڪتابن ۾: ‘سنڌي پنجون ڪتاب’، ‘سنڌي ڇھون ڪتاب’، ‘سنڌي ستون ڪتاب’، ‘استادن جو رهبر’ پنجين درجي لاءِ (هي چارئي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ،ڄامشوري پاران ڇپيا)، ‘اسلام '>تاريخ اسلام ’ (چار حصا)، ‘مطالعہ پاڪستان’ (بي. اي، بي. ايس. سي لاءِ)، ‘شھريت’ (يارهين ڪلاس لاءِ)، ‘شھريت پاڪستان’ (ٻارهين ڪلاس لاءِ)، ‘پوليٽيڪل سائنس’ (بي. اي پارٽ ون لاءِ)، ‘شرح آسان اردو’ (ڏهين ڪلاس لاءِ)، ‘شرح سنڌي’ (نائين ڪلاس لاءِ)، ‘دنيا جا آئين’ (بي. اي پارٽ ٽُو لاءِ)، ‘مشتاق رهبر’ (درجي ٻئين کان پنجين لاءِ) ۽ ‘ڪامران مضمون نگاري’ وغيرہ شامل آھن. 
ھن پنھنجي ڪيترن ئي نصابي ڪتابن تي انعام پڻ حاصل ڪيا. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. ھن تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.

  • جنم: 1945-10-15
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image