مراد علي مرزا
سنڌ جو نالي وارو ناول نويس، نقاد، مترجم، ڊراما نگار ۽ افسانا نگار مراد علي مرزا 27 آگسٽ 1929ع تي حيدرآباد جي وسندي ٽنڊي آغا ۾ اک کولي. 1960ع ۾ مراد علي مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ 1989ع ۾ پروگرام مينيجر جي عھدي تان ريٽائرمينٽ ورتائين. مرحوم مراد علي مرزا سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري بہ رهيو، ۽ ٻن ادارن جو سيڪريٽري رهڻ ھڪ اعزاز آھي. مرحوم جي مشھور ڊرامن ۾ ريڊيو پاڪستان تي ”قربتون ۽ فاصلا“ ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”هوشو شھيد“ شامل آھن، جڏهن تہ ھوشو شھيد تي اڄ تائين ڪنھن بہ ٽي وي ڊرامو نہ لکيو آھي. جڏهن تہ مرحوم مراد علي مرزا جي مشھور ڪتابن ۾ عالمي افسانہ، مونجهارو، اڪيلائيءَ جا سئو سال، ٻارن لاءِ آکاڻيون، ادبي تنقيد جا احوال، ايشيا جون لوڪ ڪھاڻيون شامل آھن. ھن ڪيترائي ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا.
مراد علي مرزا شھيد بينظير ڀٽو جي خواھش تي انگريزي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو (پورب ڄائي) ڪيو، ادبي مڃتا طور ان وقت جي صدر فاروق لغاري جي ھٿان 1995ع ۾ ھن کي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو ھو. مراد علي مرزا شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ناول ”سامي سج وڙاءُ“ لکيو، جيڪو سنڌي ادب ۾ شاھ لطيف تي لکيل پھريون ناول آھي. ان ڪتاب کي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، سنڌي ادبي سنگت ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران سال جو بھترين ناول قرار ڏيئي ايوارڊ ڏنا ويا.
مشھور ٽي وي آرٽسٽ منظور مراد سندس فرزند آھي. مراد علي مرزا ڪجهہ وقت اڳ فالج جي بيماري ۾ مبتلا رھندي پھرين مارچ 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
- جنم: 1929-08-27
- ورسي: 2011-03-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل