منظور ڪوهيار
نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڊراما نگار منظور ڪوھيار جو پورو نالو منظور حسين ولد ولايت خان آھي، منظور ڪوھيار 2 جون 1955ع تي لاھوري محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي (گولڊ ميڊلسٽ) ۽ ايل.ايل.بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين آھي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما هائوسنگ پلاننگ اينڊ بلڊنگ نيڌرلينڊ(هالينڊ) مان ڪيل اٿس. لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻو پڻ مقرر ٿيو.
منظور ڪوھيار لکڻ جي شروعات 75-1974ع کان ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ آھي. منظور ڪوھيار ڪھاڻين جي ڪتابن کان علاوہ ڪيترا ئي اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ادبي ڪالم ۽ ڊاڪيومينٽريز ۽ سفرناما لکيا آھن. کيس مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آھن. اسٽيج ڊرامن ۾ ”جنرل شاھ بھارو“، ”جهڪر“، ”آواز“، ”رسمن جي انگاس تي“ وغيرہ ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”ڪارا ڪڪر“، ”وفائون منتظر آھن“ ”سياست“، ”رَوشِ“، ”رواج“ ۽ ”تپش“ مشھور آھن.
منظور ڪوھيار جا ڇپيل ڪتاب:
• “سج لھڻ کان پوءِ بہ“ (ڪھاڻيون) 1995ع،
• ”فراق جي منزل“ (ڪھاڻيون) 2007ع،
• ” فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ (ڪالم ) 2007ع
• ”سچا ڪوڙا رشتا“ (ڪھاڻيون) 2009ع
• ”راج ڪرتھہ“ (اسٽيج ڊراما) 2013ع
• ”ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر“ (خاڪا ۽ مضمون) 2010ع
• ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ (مختصر مختصر ڪھاڻيون) 2012ع
• ”ماھتاب“ (اسٽيج ڊراما) 2014ع
• ”طريقت جو سج“ (ناول) 2020ع
• ”ڊي ناڪ 109“ (ناول) 2023ع
• ”گهر ۽ گرامو فون“ (ڪھاڻيون) 2024ع
- جنم: 1955-06-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل