ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو
سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، 6 اپريل 1919ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نامو محراب خان ھو. ھن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي شھر ۾ ورتي، ثانوي تعليم کانپوءِ 1947ع ۾ پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. 1952ع ۾ بي. اي (آنرز) ۽ 1954ع ۾ ايم. اي (سنڌي) پاس ڪيائين. پنھنجي علمي قابليت سبب وقت جي عالمن اديبن جي قربت ۾ رهيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سندس علمي قابليت کي پرکي، کيس نومبر 1947ع ڌاري سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو. سندس پنھنجي ھڪ لکت موجب سروس ۽ رٽائرمينٽ جو تفصيل ھن ريت آھي: گورنمينٽ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد (1949ع کان)، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار 1954ع؛ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال 1964ع کان 1974ع؛ سيوھڻ ڪاليج جو پرنسپال 1974ع کان 1975ع؛ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال 1975ع کان رٽائرمينٽ 5 اپريل 1979ع تائين. سنديلي صاحب ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ عنوان ھيٺ علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 1973ع ۾ ورتي. سندس پسند جو موضوع شروع کان لوڪ ادب ئي رهيو. ھن ٿيسز ۾ سنديلي صاحب مختلف صنفن: وينجهار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامي ۾ آيل صنفن کانسواءِ مناظرا، مداحون، مناجاتون، معجزا، ٽيھ اکريون، مولود ۽ لوڪ گيت شامل ڪرڻ سان گڏ نثري صنفن ۾ لوڪ ڪھاڻين جو جائزو پڻ ورتو آھي. لوڪ ڪھاڻين تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ستن جلدن ۾ متن ۽ مقدما جيئن تہ ڀرپور نموني ڇپجي چڪا ھئا، ان ڪري ڊاڪٽر سنديلي لوڪ ڪھاڻين کي گهٽ اھميت ڏني، جو سندس لاڙو نثري داستانن ۽ قصن ڏانھن گهٽ ھو. اھو ئي سبب آھي جو نثري صنفن جي مثال ۾ رڳو ھڪ ڪھاڻي ڏنائين. سنديلي صاحب جي اھا ٿيسز انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ اڳتي ھلي 1986ع ۾ شايع ڪئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي ۽ ايم. اي جو ممتحن رهيو، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين يونيورسٽين جا پيپر بہ چيڪ ڪندو ھو.
ڪجهہ شاگردن جي ايم. فل ٿيسز جو گائيڊ ۽ 1988ع ڌاري ھڪ شاگرد جو پي. ايڇ. ڊي گائيڊ بہ رهيو. مختلف ھنڌن تي ريسرچ اسڪيمن تي بہ ڪم ڪيائين، جھڙوڪ: ادبي بورڊ جي ’جامع سنڌي لغات‘ اسڪيم ۾ ريسرچ اسسٽنٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، لاڙڪاڻو ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ شاھنواز لائبرريءَ جو ميمبر وغيرہ.
ڊاڪٽر سـنديـلـي کـي ڪـتـابـن: ’وينجهار‘ (1951ع)، ڏهس نامہ (1969ع)، تحقيق اللغات سنڌي (1955ع)، سچل لغات تي اوارڊ مليا. کيس 1984ع ۾ حڪومت پاران ادبي علمي خدمتن عيوض تمغہ امتياز بہ ڏنو ويو. سندس ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آھن، جن ۾ اشتقاقي لغات لطيفي، شرنگار شاستر، ھيوز جو گزيٽئر (ترجمو)، مڪلي ٽڪريءَ جو سير (ترتيب) ۽ ٻيا شامل آھن.
سنديلي صاحب، آگسٽ 1947ع ۾ شير محمد خان ڪورائيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي ھئي، جنھن مان کيس پنجن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان ٻہ پٽ ۽ ھڪ نياڻي وفات ڪري ويا. ٻيا حال حيات ۽ گهرن ٻارن وارا ٿيا. سندس فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو، سندس علمي ادبي ورثي کي سنڀاليندو رهيو آھي، جيڪو پاڪستان ريلوي ۾ ڊاڪٽر آھي ۽ خود سٺو ليکڪ پڻ آھي.
سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ھن ريت آھي، جيڪي سنڌي ادب ۾ حوالاتي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿا: (1) وينجهار (1951ع)، (2) تحقيق الغات سنڌي (1955ع)، (3) سنڌ جو سينگار (1956ع)، (4) ڏهس نامون (1969ع)، (5) ڪليات حسين ديدڙ (1971ع)، (6) ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي (1977ع)، (7) پھاڪن جي پاڙ، (8) ساميءَ سنديون سِپون، (9) سامي ڌاتو ڪوش، (10) سچل اللغات ، (11) ڪليات شاھ محمد ديدڙ، (12) رهبر ديوان گل، (13) انگي اصول، (14) ابتدائي سائنس ۽ (15) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (پي. ايڇ. ڊي مقالو: 1986ع).
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون سنڌي لغات جي سلسلي ۾ خدمتون فراموش ڪرڻ جھڙيون نہ آھن. ’جامع سنڌي لغات‘ جي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ھڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. ’سچل لغات‘، تحقيق لغات سنڌي، سامي ڌاتو ڪوش سندس اھم لغتون آھن.
ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ھڪ اھم حوالو قابل استاد، تعليمي ماھر ۽ بھترين منتظم وارو بہ آھي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، 02 جنوري 1990ع تي وفات ڪئي.
- جنم: 1919-04-06
- ورسي: 1990-01-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل