عائشہ ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ جي وسيع آبادي واري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ پھرين جنوري 1975ع تي محترم الھندو ميمڻ جي گهر، جنم وٺندڙ عائشہ ميمڻ جو ڇٺيءَ جو نانءَ آسيہ رکيو ويو. هن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي، نثر توڙي نظم ۾ مسلسل لکندي رهي ٿي، مگر سندس ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. اڄ تائين وٽس پنجن ڪتابن جو مواد سھيڙيل آهي، جن مان هڪڙو شاعري جو ڪتاب ‘‘دليون درسگاهون’’ 2013ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپجي چڪو آهي .شاعري ۾ هوءَ غزل،گيت، وائي، چوسٽو، نظم ۽ ٻين صنفن تي خيال آرائي ڪري چڪي آهي پر غزل جي زمين تي خيالن جي اڏار جو خوبصورت انداز اٿس .
عائشه ميمڻ جي تعليم ايم_اي، ايم_ايڊ آهي، ڪرت ۾ هوءَ سگهڙ عورت هجڻ سان گڏوگڏ تعليم کاتي سان تعلق رکي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ سڪ، پيار، امن ۽ آزادي جا پيغام سمايل آهن ،جڏهن تہ سنڌ جي تھذيب تاريخ پڻ سندس شاعريءَ جا چِٽا موضوع نظر اچن ٿا. ادبي سرگرمين ۾ سنڌي ٻولي جي مئگزين ماهوار’’ نئين آس’’ شھدادڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ادبي خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. سنڌ جي مڙني سنڌي مئگزينن ۽ اخبارن ۾ سندس مواد ڇپجندو رهي ٿو .
- جنم: 1975-01-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل