روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
ڀارت جي سنڌي اديب ۽ محقق ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جا وڏا اصل پني عاقل ضلعي سکر جا ھئا. ورھاڱي بعد روي پرڪاش جا مائٽ لڏي ڀارت جي رياست اتر پرديش جي شھر فيض آباد ۾ وڃي رهيا، جتي روي پرڪاش 25 جون 1968ع ۾ جنم ورتو. روي پرڪاش اسڪول ۾ مادري زبان سنڌيءَ جو اڀياس نہ ڪري سگهيو، ڇو تہ فيض آباد ۽ آسپاس جو ماحول ھندي ٻوليءَ جو ھو، پر ان ماحول ۾ رهندي بہ سندن گهر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سلامت ھئي. سندس ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين وڏن ننڍي ھوندي کان کيس ۽ ٻين ٻارن کي سنڌيت جي جيڪا سـُـتي پياري، ان منجهس مادري ٻولي سنڌي ۽ سنڌي ثقافت سان چاھ جو جذبو ۽ امنگ دائم قائم رکيو. فيض آباد شھر ۾ رهندي سنڌي استاد رامچندر کيس سنڌيءَ (عربي لپيءَ) جي اکرن جي ابتدائي شناس ڪرائي، ساڳئي ئي استاد وٽ سندس والد پڻ سکر ۾ پڙهيو ھو. شھر جي سنڌي پنچائت بہ وڏن ڏڻن ۽ تھوارن تي پروگرام رکي سنڌيت کي زندھ پئي رکيو، انهن ڳالھين روي پرڪاش جي من ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. 1989ع ۾ روي پرڪاش لکنؤ يونيورسـٽيءَ مان ايم. اي (ڪامرس) جو امتحان ڏنو. ان دوران ھن جي نامور سنڌي عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سان ملاقات ٿي ۽ ھن سنڌيءَ ۾ ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ذھني طرح فيصلو ڪري ورتو. 1993ع ۾ روي ٽيڪچنداڻيءَ MDS يونيورسٽي اجمير مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ساڳئي سال يعني 1993ع کان وٺي 1995ع تائين WRLC ڊيڪن ڪاليج پوني ۾ لئنگئيج ڪنسلٽنٽ ٿي رهيو، جتي ڊاڪٽر ڪنھيالال ليکواڻيءَ نہ رڳو ھن جي رهنمائي ڪئي، پر سنڌيءَ ۾ تحقيق طرف کيس راغب پڻ ڪيو. سندس ھمت افزائيءَ سان ئي ھن دھلي يونيورسٽيءَ ۾ اچي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو سوچيو. روي ٽيڪچنداڻيءَ دھلي يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع کان 2003ع تائين ليڪچرر ٿي رهيو. ان دوران ھن ’سنڌي پھاڪا: لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس‘ عنوان تي تحقيقي مقالو لکي، 2003ع ۾ دھلي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري بہ حاصل ڪري ورتي. روي پرڪاش ھن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين جو تفصيلوار تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آھي ۽ ان موضوع تي ھن سنڌيءَ ۾ ڇپيل سمورن ڪتابن ۽ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي نظر سان وسيع اڀياس ڪيو آھي.
2003ع کان اڄ تائين ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، دھلي يونيورسٽيءَ ۾ سينئر ليڪچرار آھي ۽ ھن وقت دھلي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سربراھ پڻ آھي، جتي ھو سنڌيءَ ۾ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما، ائڊوانس ڊپلوما اِن سنڌي، ايم. اي ۽ ايم. فل ۾ ’تقابلي انڊين ادب‘ جا ڪورس ڪرائي ٿو ۽ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جو سپروائيزر آھي.
روي ٽيڪچنداڻيءَ، دھلي يونيورسٽيءَ ۾ رهي تدريس ۽ تحقيق کي جاري رکيو آھي. ھن وقت تائين سندس ڪيترائي ادبي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون ڀارت مان نڪرندڙ سنڌي، ھندي ۽ انگريزي مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آھن. سندس ھيٺيان مونو گراف، ترجما ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آھن:
(1)سنڌي پھاڪا ۽ محاورا- ھڪ اڀياس (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي ڪتاب جو ديوناگري لپيءَ ۾ الٿو Translation): سال 1998ع) (2) تون سنڌ ۾ رهي پئھ (ٺاڪر چاولا جي سفرنامي جو ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو: 2008ع) (3) ٻنڌڻ (ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو: 2009ع) (4) سنڌي جوت (يادگيريون: 2010ع) (5) سنڌي پھاڪا، لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس (2010ع).
ھن جي آخري ڪتاب جو موجودہ سنڌي (عربي لپيءَ) ۾ اُلٿو، ڦُلو مل مينگهواڙ ڪيو آھي ۽ ان جي تصحيح ۽ نگراني ولي رام ولڀ ۽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪئي آھي. ھي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي. ساڳئي ڪتاب جو دھليءَ مان سنڌي (عربي) لپيءَ ۾ ڇاپو پڻ شايع ٿيو آھي.
ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي ڪيترن تعليمي ۽ علمي ادارن جو ميمبر رهيو آھي، جھڙوڪ: ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز، دھلي يونيورسٽي؛ ميمبر، ڊپارٽمينٽل ريسرچ ڪاميٽي، ڊپارٽمينٽ آف MIL&LS دھلي يونيورسٽي؛ ميمبر، ڪريڪيولم ڪاميٽي (سنڌي) يو. پي بورڊ، الھ آباد؛ ميمبر، ڪريڪيولم ڪاميٽي سنڌي BSE دھلي؛ ميمبر، ڪنوينر، صلاحڪار بورڊ (سنڌي)، ڪي. ڪي. برلا فائونڊيشن، دھلي؛ ميمبر، ڪريڪيولم (سنڌي) MDS يونيورسٽي، اجمير؛ ميمبر، آل انڊيا سنڌي ليڪچررس ايسوسيئيشن؛ ميمبر، ڪريڪيولم ڪاميٽي (سنڌي) NIOS نئين دھلي؛ ميمبر، سنڌي اڪيڊمي دھلي (2006-2009). ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻيءَ کي ڪيترن ادارن مڃتا بہ ڏني آھي، جن ۾ سنت ڪنوررام مشن اجمير پاران 2003ع ۾ مڃتا، ساھتيہ پريشد ڀوپال پاران 1998ع ۾ ’نوجوان شاعر اوارڊ‘ ۽ سنڌي ڪائونسل آف انڊيا، جئپور پاران 2009ع ۾ ادبي مڃتا شيلڊ شامل آھي.
- جنم: 1968-06-25
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل