صوفي غلام مصطفيٰ آثم جکراڻي
صوفي غلام مصطفيٰ ”آثم“ جکراڻي پھرين سيپٽمبر 1934ع تي ضلع جيڪب آباد تعلقي ٺل جي ڳوٺ حاجي سانولو خان جکراڻي ۾ پيدا ٿيا. پان شروعاتي تعليم پنھنجي ڀر واري پرائمري اسڪول سمندر خان پٺاڻ ۾ حاصل ڪئي. 1944ع ڌاري ٺل تعلقي مان لڏي اچي ڳڙهي خيرو تعلقي جي ڳوٺ محمد پور اوڍو ڀرسان ڳوٺ فيض آباد جکراڻي ۾ ويٺا، اُن ڪري وڌيڪ تعليم يعني سنڌي ست درجا (سنڌي فائينل) پرائمري اسڪول محمد پور اوڍو ۾ پاس ڪيائون. 1952ع ۾ تعلقي ڳڙهي
خيري جي ڳوٺ گلاب ماڙي رند ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيا. ڪجهہ عرصي کان پوء پرائمري اسڪولَ ٻڍاڻي چانڊيو ۾ سندن بدلي ٿي. پان ڪافي عرصو اتي ئي استاد رهيا. جيئن تہ صوفي غلام مصطفيٰ جن ننڍي هوندي کان ئي فقير طبع انسان هئا انڪري ننڍٻن کان ئي کيس قرآن پاڪ جي ورد سان گڏ و گڏ ﷲ پاڪ جي ذڪر و اذڪار سان نھايت دلچسپي هوندي هئي ۽ سدائين ﷲ پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول رهندا هئا. اڪثر گهرکان ٻاهر جهنگ ۾ اڪيلائي ۾ وڃي ﷲ سائينءَ جي عبادت ڪندا هئا. پان صوم و صلوات جا نھايت پابند هوندا هئا. جيئن ئي بلوغت کي پھتا تہ بلوچستان جي مشھور گادي چشمہ شريف جي بزرگ حضرت آغا عبدالحي جان چشموي نقشبندي رحمة الله عليہ جن جي هٿ تي بعيت ڪئي ۽ سندين مريد ٿيو. ان کان پوء ڄڻ تہ سون تي سھاڳو، جيئن تہ صوفي صاحب اڳيئي ﷲ جا عبادت گذار شخص هئا ويتر ڪامل مرشد جي نگاھ کيس پڪو صوفي
بنائي ڇڏيو، پان مرشد ڪريمن وٽ اچ وڃ جو سلسلو جاري رکيو ۽ تصوف جون منزلون طئي ڪندا رهيا ۽ مراقبو توڙي نفي اثبات زيادہ ڪندا رهيا. نقشبندي هئن سبب ڪافي ڳالھيون ماڻھن کان لڪائيندا هئا. سندس ننڍي هوندي کان ئي بزرگن جا عارفانہ ڪلام ڳائڻ ۽ شاعري ڪرڻ جو مشغلو رهيو. انڪري پان بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ حمد، نعت، سہ حرفي ۽ غزل تي پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿن. تخلص ”آثم“ استعمال ڪيائون. سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ بلوچي ٻولين ۾ سندس شاعري موجود آهي. 1998ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيا. هڪ حج ۽ ٻہ عمرہ پڻ ڪيائون. سندس شاعريءَ ۾ عشقِ رسول صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم سندن خاص عنوان رهيو آهي. 2022ع واري برساتن کان پوِء کيس اوچتو مليريا بخار ٿي پيو، انڪري 2 آڪٽوبر 2022ع تي لاڙڪاڻي جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج دوران وفات ڪري ويا. سندس نماز جنازہ چشمہ شريف جي موجودہ گادي نشين حضرت آغا محمد عاصم جان چشموي جن پڙهائي. سندن تدفين ابائي قبرستان غلام شاھ غازي ۾ ڪئي وئي جيڪو تعلقي ڳڙهي خيري جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان سندس ئي ڳوٺ فيض آباد جکراڻي کان اوڀر طرف ٻہ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي.
- جنم: 1934-09-01
- ورسي: 2022-10-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل