فتاح ملڪ

نامياري شاعر، نثر نگار، تعليمي ماھر، مشھور وڪيل ۽ اڳوڻي ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ فتاح ملڪ  4 مارچ  1939ع تي مرحوم غلام قادر ملڪ جي گهر پنوعاقل ۾ جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم پنو عاقل، سيڪنڊري اسڪول تعليم پنو عاقل پير ڳوٺ ۽ ناز ھاء اسڪول خيرپور ۾ حاصل ڪئي. بي اي سکر ۽ ايل ايل بي حيدراباد مان پاس ڪري وڪالت ۾ پير پاتائين. پاڻ وڪيل طور ناماچار حاصل ڪيائين. 
فتاح ملڪ 1961ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس تعلق سنڌ جي ترقي پسند لڏي سان رھيو آھي. ڪنھن وقت سکر جي ٽمورتي مشھور ھئي يعني شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ. سندس سنڌي ادبي سنگت لاء وڏيون خدمتون آھن. ھن ھميشہ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ترقي، تعليمي بھتري ۽ خوشحاليءَ لاء پاڻ پتوڙيو. پنو عاقل جو مھراڻ ماڊل اسڪول ۽ ڪاليج سندس محنتن جو ثمر آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي ھن کري، سچي ۽ امن جي پرچارڪ شاعر جي شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ”ڪنول پاڙون پاتال ۾“ ۽ ”آڻي آونگ چاڙھيا“ ڇپيل آھن،. نثر ۾ مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڀينر ھن ڀنڀور ۾“،آتم ڪٿا ”جيڪي ياد پيوم“ ۽ ڪھاڻين جو مجموعو ”جمنا سان پنج ڏينھن “ڇپيل آھن. 
فتاح ملڪ ڪافي سال اڳ سکر کي ڇڏي ڪراچي منتقل ٿيو ۽ پنھنجي اولاد ۽ پنھنجي پوٽن ڏوھٽن سان گذارڻ لاء آمريڪا، ڪيناڊا ۽ آسٽريليا ۾ رھيو. 
فتاح ملڪ 12 آگسٽ 2025ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس تدفين ڪراچيءَ ۾ ٿي.

  • جنم: 1939-03-04
  • ورسي: 2025-08-12
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image