زيب نظاماڻي
نامياري شاعرہ، محقق، ڊراما ليکڪ، ڊائريڪٽر، ماھر تعليم ۽ ادبي سرگرمين ۾ سرگرم رھندڙ زيب نظاماڻيءَ جو پورو نالو زيب النساءِ بنت غلام رسول نظاماڻي آھي. سندس پيدائش 4 جولاءِ 1963ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ ٿي. ھن 1983ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پنھنجا فرض سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ 1996ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان ماھر مضمون سنڌي Subject Specialist جو امتحان پاس ڪيائين. پاڻ بنيادي طور درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلھاڙيل رھي آھي. سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب ”ھلو ھلون اسڪول“ 2013ع ۾ ڇپيو. پاڻ غزل سميت سڀني صنفن تي سٺي شاعري ڪري رھيون آھن. زيب نظاماڻيءَ ٻارن لاءِ ڊراما. ٽيبلوز ۽ ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن.
- جنم: 1963-07-04
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل