ناصر علي پنھور

ناصر علي پنھور ولد الھہ ڏنو پنھور جو جنم 21 سيپٽمبر 1970ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي آهي. 
ناصر علي پنھور هڪ ڊولپمينٽ پروفيشنل آهي، جنھن کي 25 سالن کان وڌيڪ جو تجربو آهي. هو مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ادارن ۾ اعليٰ عھدي تي ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪي ماحوليات ۽ سماجي تحفظ، قدرتي وسيلن جي انتظام، ڳوٺاڻن جي ترقي، روزگار جي ترقي ۽ آبھوا جي تبديلي سان لاڳاپيل آهن. ھن وٽ شاندار صلاحيتون آهن، خاص طور تي پروجيڪٽ مينيجمينٽ، اداري جي ترقي، رابطي، زرعي ڪاروبار جي ترقي ۽ ماحوليات ۽ سماجي تحفظ ۾. ھن گذريل20 سالن کان مختلف ادارن ۾ سينيئر سطح تي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
ناصر علي پنھور LEAD (ليڊرشپ فار انوائرنمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ) جو فيلو آهي ۽ ڪيترن ئي غير سرڪاري تنظيمن جي مشاورتي ڪاميٽين جو حصو آهي. هو قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي گهڻو سفر ڪري چڪو آهي ۽ پاڪستان جي ڳوٺاڻن ۽ شھري علائقن جي سماجي ۽ سياسي حالتن کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. هن وٽ سماجيات ۾ ماسٽرز ڊگري ۽ 2010 ۾ آمريڪا مان IVLP- Water Resources Protection جو سرٽيفڪيٽ آهي.
هن سوشل سيفگارڊ ۽ ٻيھر آبادڪاري جي صلاحڪار طور سنڌ ريزيلينس پروجيڪٽ–SID/ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريھبيليٽيشن پروجيڪٽ –SID/ورلڊ بئنڪ (2017–2024) ۾ ڪم ڪيو. ان کان اڳ هو USAID جي مالي سھڪار سان هلندڙ "ايگري بزنس پروجيڪٽ" (2012–2013) ۾ ريجنل پروگرامن مينيجر رهيو.
ناصر پنھور WWF سان 2008 کان 2012 تائين "انڊس فار آل پروگرام" ۾ پروگرام ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪيو. پروگرام چار اهم سائيٽن  ڪيٽي بندر، ڪينجهر ڍنڍ، پئي ٻيلو ۽ چوٽياريون تي ھليو. ان کان اڳ، ھو  IUCN – ورلڊ ڪنزرويشن يونين سان 2000 کان 2008 تائين مختلف عھدن تي ڪم ڪيو. هن سنڌ جي "اسٽيٽ آف انوائرنمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ (SOED)" ۽ "سنڌ اسٽريٽجي فار سسٽينبل ڊولپمينٽ" ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾ اهم قدم هئا. هن بدين ضلعي جي ترقياتي ويزن ۽ پنجن سالن جي تعليمي منصوبي ۾ پڻ اهم حصو وڌو.
سندس اھم ڪم  IUCN ۽ WWF ۾ مختلف ماحولياتي آگاهي واري مواد ۽ دستاويزي فلمن (انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾) جي تياري آهي. هن "اسٽيٽ آف انوائرنمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ آف ٿر" لاءِ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فائونڊيشن کي پڻ مدد فراهم ڪئي.
ناصر علي پنھور هڪ بھترين ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن آهي. ھن سماجي، ترقياتي، آبھوا جي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن تي گهڻو لکيو آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب پڻ تحرير ڪيا آهن. کيس "بيسٽ اسٽوري ايوارڊ آن ڪلائيميٽ چينج" CPNE/UNDP طرفان 18 آڪٽوبر 2017 تي اسلام آباد ۾ مليو.
پڻ آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

1.    ڊاڪٽر خان محمد پنھور- شخصيت  (مرتب) 2004ع
2.    اڇو پاڻي لُڙ ٿيو  (ماحوليات، ڊيلٽا ۽ پاڻي بابت مضمون) 2019ع
3.    ٿر جو ڪارو سون: اميدون، آسرا ۽ خدشا (مرتب) 2017ع
4.    Earthy Mattters, 2023
5.    Prof. Qalander Shah: Life and Achivememts
6.    Lake Manchar: Past, Present and Future, Published by Peacock, 2018
7.    Tackling Disasters: Booklet for Students, Published by Pakistan Institute of Labor Education & Research, 2015
8.    Thar: A Mosaic of Miseries (Anthology), Published by CEAD, April 2014
9.    Sindh at the Crossroads of Disasters (Anthology), Published by CEAD and Action Aid, July 2012
10.    The Indus Flood 2010: Perspectives, Issues and Strategies (Anthology), Published by CEAD and SAP, April 2011
11.    Dr. Khan Mohammad Panhwar: Life & Achievements 2004

  • جنم: 1970-09-21
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image