آثم ناٿن شاھي

نامياري شاعر آثم ناٿن شاھي  جو اصلي نالو غلام رسول سولنگي ھو. ھن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي، تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ضلعي دادوءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. آثم ناٿن شاھي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي تعليم پنھنجي ناني مولوي فيض محمد ’پريشان‘ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الھرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي تہ ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. 1962ع کان پوءِ مشھور شاعر ’محسن‘ ڪڪڙائيءَ جي اصلاح ھيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاھ سان وابستہ ٿي علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”ادارہ فلاح و بھبود خيرپورناٿن شاھ“ قائم ڪيو ۽ ھڪ لائبرري بہ کوليائين. سندس شاعري جا مجموعا ”جڏهن اُلا اُڀ ۾“ (1994ع) ۽ ”لھرون لھرون لاٽ“ (1998ع)، ”ڇا چيس آئيني؟“ (2006ع)، ”ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا“ (2006ع)، ”سامرين جي شھر ۾“ (2009ع) ۽ ”شاعري“ (2018ع) شايع ٿيل آھن. جڏهن تہ نثر جو ڪتاب ”مان بہ تخليقيان ٿو ڪجهہ ويٺو“ (سھيڙيندڙ: ذوالفقار گاڏهي) 2020ع ۾ شايع ٿيو. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي بورڊ“ (1994ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد انعام مليا. 6 آڪٽوبر 2006ع تي وفات ڪيائين.

  • جنم: 1937-01-02
  • ورسي: 2006-10-06
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image