امداد ڪانھيو

ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نويس امداد ڪانھيو جو پورو نالو امداد علي ولد خير محمد ڪانھيو آھي. ھن 19 آڪٽوبر 1979ع تي ڳوٺ گل محمد ڪانھيو، ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل بي آھي. عملي طور وڪالت جي پيشي سان سلھاڙيل ۽ بارڪائونسل، ميرپورخاص جو ميمبر آھي. 2015ع کان 2020ع تائين ’عوامي جمھوري پارٽي‘ ۾ بہ رهيو. ھن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ڪالم مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ’مان ھِت جنم نہ وٺندس‘ (2013ع) ۽ ناول ’آگم پريت‘ (2021ع) شايع ٿيل آھن. سنڌي ادبي سنگت شاخ، ميرپورخاص جو آڊيٽر ۽ سيڪريٽري رهي چڪو آھي. کيس ’انيس انصاري‘ اڪيڊمي طرفان 2013ع ۾ اوارڊ ۽ چانڊوڪي سٿ پاران 2022ع ۾ ’بھترين ڪھاڻيڪار‘ جو اوارڊ مليل آھن. ھن وقت سنڌڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾ رهي ٿو.

  • جنم: 1979-10-19
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image