ڊاڪٽر انور پرديسي
شاعر، محقق ۽ تعليمدان انور پرديسيءَ جو اصل نالو داد محمد ولد ممتاز حسين ڪٽوهڙ آهي. هن خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ 28 سيپٽمبر 1973ع تي جنم ورتو. شروعاتي تعليم مقامي اسڪولن مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1991ع ۾ پاس ڪيائين. 4 سالن تائين فوج ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ ڊگري ڪاليج خيرپور مان بي اي جو امتحان پاس ڪري سول اسپتال خيرپور ۾ ٽيڪنيشن مقرر ٿيو. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2003ع ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. 2006ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو. سندس پھرين مقرري گورنمينٽ آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتان 2007ع ۾ گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور بدلي ٿي. جنوري 2021ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽڏيجي ايٽ سرائي پيارو خان ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 2016ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، پروفيسر ڊاڪٽر ادل سومري جي نگرانيءَ هيٺ ”حضرت سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾ علامت نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي موضوع تي پھرين ايم فل ڪئي ۽ پوءِ ساڳي يونيورسٽيءَ مان پروفيسر مھر خادم جي نگراني ۾ ”تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ موجود فڪري لاڙن جو تنقيدي اڀياس“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي ڪئي. هي سنڌي ادبي سنگت سميت ڪيترين ئي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. هن ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ڪتاب ”دل جي آڳر تي“ شاعري 2012ع، ”جوڳيءَ کنيو جس (رسول بخش پليجو بحيثيت ادبي نقاد)“ ترتيب 2019ع ۽ ”پيار جا سلسلا (عنايت بلوچ بابت مضمون)“ ترتيب 2025ع ڇپيل آھن. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس مرتب ڪيل ڪتاب کي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران اوارڊ سان نوازيو ويو. شاگردي واري دؤر ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
- جنم: 1973-09-28
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل