اي بي صدا لاشاري

شاعر، مضمون نگار، ڪالم نگار، سماج سڌارڪ ۽ وڪيل اي. بي صدا لاشاريءَ جو اصل نالو الله بخش لاشاري آھي ۽ شاعريءَ ۾ صدا لاشاريءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ھي الحاج علي بخش لاشاريءَ جي گهر پھرين آڪٽوبر 1972ع تي چک لاشار، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي.اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورمان، ايل.ايل.بي گورنمينٽ سنڌ مسلم لاڪاليج مان، ايم. اي سوشيالاجي ۽ ماسٽرس ان لا ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ ھن وقت وڪالت جي شعبي سان سلھاڙيل آھي. پاڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا اٿس، ان کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ حالات حاضرہ تي ڪالم پڻ لکندو رهي ٿو، علمي ادبي ميدان ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو سندس استاد آھي. اي.بي لاشاري ’نئين آس‘ مئگزين ڪراچيءَ جو 2016ع کان 2019ع تائين چيف ايڊيٽر ۽ ’صدا پبليڪيشن ڪراچي‘ جو ناشر آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ترڇا تير‘ (شاعري 2014)، ’آذربائيجان سي ازبڪستان تڪ‘ (سفرنامو 2019ع)، ’سيذ ڀٽائي ايغ ڪلام‘ (شاھ صاحب جي ٽن چونڊ سرن جو بلوچي ٻوليءَ ۾ ترجمو)، ’ٻيو مڙوئي خير‘(ڪالم ۽ مضمون) ۽“Mir Mubarak Khan Lashari, the symbol of courage and loyalty”  شامل آھن. 
ھو سماجي ڪمن ۾ پڻ اڳرو رھي ٿو ۽ ھن وقت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ جو صدر آھي،

 

  • جنم: 1972-10-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image