انجنيئر شفقت حسين وڌو
مشھور ڪھاڻيڪار ترجمي نگار، مصور ۽ انجنيئر شفقت حسين ولد احمد خان وڌو 15 مئي 1963ع تي سيوهڻ شھر ۾پيدا ٿيو. ان وقت سندس والد محترم ايريگيشن کاتي ۾ ايس. ڊي. او طور مقرر ھو. سندس اصل ڳوٺ چاڪياڻي تعلقو شھدادڪوٽ آھي. ھن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول شھدادڪوٽ مان، مئٽرڪ ھاءِ اسڪول شھدادڪوٽ، انٽر جامع علميہ ڪاليج ڪراچي، بي. اي سول انجنيئرنگ، اين. اي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، جنھن بعد 1987ع ۾ ايريگيشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر طور مقرر ٿيو. جنھن بعد ترقي ڪري ھينئر 19 گريڊ ۾ پڃاري سرڪل حيدرآباد ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آھي. شفقت حسين لکڻ جي شروعات 1982ع ڌاري يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ برسات رسالي ۾ شايع ٿي. شفقت حسين جو لاڙو مصوريءَ ڏانهن پڻ آھي. ھن 200 کان مٿي تصويرون آئل ڪلر، واٽر ڪلر، آئل پينل، سافٽ پينل ۽ ايڪرلڪ رنگن ۾ چٽيون آھن. جيڪي ھڪ فوٽ کان اٺن فوٽن تائين ڊگهيون آھن. سندس مصوريءَ جي موضوعن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ عمر خيام جا شعر، زندگيءَ جي خوبصورتي ۽ ان جو فاني ھجڻ، زندگيءَ جا رشتا ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪائناتي تصور شامل آھن. 2001ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سندس تصويرن جي نمائش ٿي، مئي 2014ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ 14 آگسٽ 2014ع تي مھراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ پڻ سندس ٺاھيل تصويرن جي نمائش ٿي. سندس آرٽ گئلري ڳوٺ چاڪياڻي ۾ موجود آھي.
شفقت حسين، سنڌ جي زميني علم Geology تي تحقيق ڪئي آھي. ھن 2006ع ۾ ڀت جبل ڀرسان گاجي شاھ جي اولھہ ۾ اٽڪل 300 ملين سال پراڻي ڪورل ريف (مرجاني جزيرو) دريافت ڪيو. جنھن تي ھڪ جامع ڊاڪيومينٽري پي. ٽي. وي ۽ سنڌ ٽي. وي چئنل تان پڻ نشر ڪئي وئي. ھن گورک جبل کان مٿي اولھہ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي فالٽ لائين کي ڳولھي لڌو، جنھن سبب علائقي ۾ زلزلا اچي سگهن ٿا. ان کان سواءِ ھن “سنڌو درياھ جي پراڻن وهڪرن جو موجودہ سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏن تي اثر” جي نسبت سان تحقيق پڻ ڪئي آھي. ھي لڪيءَ جي جابلو سلسلي ۽ ڪارونجهر تي تحقيق ڪري رهيو آھي. شفقت حسين 2010ع جي ٻوڏ دوران ايريگيشن کاتي جي ذميوار آفيسر ھجڻ جي ناتي شھدادڪوٽ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ شھر کي چوگرد بند ٻڌرايو ۽ پاڻيءَ جو رُخ اولھہ طرف ڪيو، جنھن جي ڪري شھدادڪوٽ شھر سميت دادوءَ تائين ڪيترائي شھر ٻڏڻ کان بچي ويا. ھيءُ 2010ع جي ٻوڏ دوران گهڻو متحرڪ رهيو ۽ ذاتي دلچسپي وٺندي ڪيترائي بند ڀڃڻ کان بچايا ۽ گهارا بند ڪرايا.
سندس ڪيترائي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آھن. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ۾ خليل جبران جو انگريزي ڪتاب The Procession جو سنڌي ترجمو ‘آبشار’، ‘ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي’ (Readers Digest) جا مضمون، ‘ٻہ ٽي جام پيئڻ کان پوءِ’ (Rubaiyat of Omar Khayam) پڻ شايع ٿيل آھن. ان کان سواءِ شيخ اياز جي نثري/دعائيہ نظمن تي مشتمل مجموعي ’شاعريءَ جو سجدو’ ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ‘Prayer of Poetry’ جي نالي سان شايع ڪرايو آھي.
- جنم: 1963-05-15
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل