مزمل سائر
شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڪامورو مزمل حسين هاليپوٽو، 2 آگسٽ 1975ع تي هٽڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ نامياري اديب عبدالحفيظ هاليپوٽي جي گهر ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي ۽ حيدرآباد مان انٽرميڊئٽ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي. اي ۽ پوءِ ايم. اي (انگريزي ادب) جي ڊگري ورتائين. 2007ع ۾ چيوننگ اسڪالر شپ تي انگلنڊ ويو ۽ اتان ‘سري يونيورسٽي’ مان ايم. ايس. سي (مئنيجمينٽ) ڪيائين. هن اُتي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران ڪھاڻين جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ هڪ ڪھاڻي ‘The rain’ لکي هڪ سؤ پائونڊ جو انعام کٽيو. هن سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ بہ بھترين شاعري سرجي آهي. آمريڪا جي ‘آٿر هائوس پبلشرز’ سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب (Silence of the Piano Sings) 2011ع ۾ ڇپايو. ان ڪتاب ڇپجڻ بعد کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي پيمبروڪ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ جي دعوت ملي. اهڙيءَ طرح مزمل سائر انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، فرانس، جرمني ۽ چين سميت پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ مختلف موضوعن تي پڻ ليڪچر ڏنا. سنڌيءَ ۾ سندس پھريون شعري مجموعو ‘سدا سائر سير ۾’ 2001ع ڌاري شايع ٿيو، جنھن تي ‘سگا’ طرفان اوارڊ بہ مليو. مزمل جي شاعري ۽ ٻيا ليک مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.
2000ع ۾ هو سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري، انفارميشن گروپ ۾ ڀرتي ٿيو. ان کان اڳ حيدرآباد ۾ رهائش دوران مختلف نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندو رهيو. هن انفارميشن گروپ تحت وفاقي اطلاعات کاتي، تعليم کاتي ۽ فنانس سميت مختلف وفاقي وزارتن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. بعد ۾ ٻيھر سي. ايس. ايس جي امتحان ۾ ويٺو ۽ ڪامياب ٿي ڊسٽرڪٽ مينجمنٽ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ان بعد مختلف ذميوارين تي سنڌ ۾ مقرر رهيو، جنھن ۾ ڊي. ڊي. او (روينيو) ميرپورخاص ۽ پوءِ ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ جو اسٽاف آفيسر (ٻہ سال): ضلعي ڄامشوري جو اي. ڊي. او فنانس: ضلعي سکر ۽ بينظير آباد جو ڊپٽي ڪمشنر: سنڌ سمال انڊسٽريز جو ايم. ڊي: ۽ ڊائريڪٽر فوڊ طور سنڌ ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. بلوچستان صوبي ۾ ايڊيشنل ايجوڪيشن سيڪريٽري طور مقرر آهي.
مزمل پنهنجي منفرد شاعريءَ مان ڪيترن گيتن جون ڌنون پڻ ٺاهيون آهن. ان مان ڪجهہ گيت سندس ننڍي ڀاءُ راجا مدثر ڳايا بہ آهن. سندس مختلف گيت سنڌي سيٽلائيٽ چينلز تي نشر ٿي چڪا آهن. جن ۾ ‘نيڻن کي تلوار نہ ڪر’، دنبوري جي تانَ لڳي‘، ’ڇير نہ ڇمڪاءِ’ ۽ ‘محفل محفل آ تنھائي’ وغيرہ مشھور رهيا. 2014ع ۾ سندس شعري مجموعو ‘کٿوري کيپ کيتر ۾’ سنڌيڪا اڪيڊميءَ طرفان ڇپيو.
- جنم: 1975-08-02
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل