روچي رام
سنڌ جي مشھور انقلابي ھاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور، ڪامريڊ روچيرام جو جنم تـنـو مـل لوهاڻي جـي گهر ۾، 21 آگسٽ 1928ع تي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم مٺيءَ مان سنڌي، سنسڪرت ۽ ھنديءَ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پڻ مٺيءَ مان پاس ڪري، 1946ع ۾ ڊي. جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد (ڦليلي، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد) ۾ داخلا ورتائين. ورهاڱي جي لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد سبب ڪاليج ڪافي متاثر ٿيو، جنهنڪري روچيرام تعليم ڇڏي واپس مٺيءَ آيو. 1949ع ۾ ٻيهر ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. فرسٽ ايئر ايل. ايل. بي 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڪراچيءَ مان ڪيائين. ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ڪئي وئي. 1952ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ، ديوان ڏئيل مل ائڊووڪيٽ سان گڏ حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1954ع ۾ بي. اي آنرس سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ ميرپورخاص ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1961ع ۾ ميرپورخاص ۾ لا ڪاليج کليو تہ ڪامريڊ روچيرام ان ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڪامريڊ روچيرام سياست جي شروعات شاگرديءَ جي زماني کان انڊين نيشنل ڪانگريس جي ميمبر ٿيڻ سان ڪئي. 1956ع ۾ جڏهن حسين شھيد سھروردي، عوامي ليگ جو صدر ھو تہ روچيرام بہ عوامي ليگ جو ميمبر بڻيو. 1958ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو ميمبر ٿيو ۽ ڪافي سرگرم رهيو. ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ بہ انتهائي فعال ڪردار ادا ڪيائين، پر ان جو باضابطہ ميمبر نہ بنيو. ھارين ۽ مزدورن جي ڀلائيءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ڪري کيس ’ڪامريڊ‘ سڏيو ويو ۽ اھو سندس نالي جو حصو ٿي ويو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جو دوست ۽ ھمڪار رهيو. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ذاتي دوستي ۽ مير برادران سان انتهائي ويجهائيءَ ھجڻ جي ڪري پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر ٿيو.1967ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي لاءِ پيپلزپارٽي جو پھريون صدر مقرر ڪيو ويو. ايوب خان، يحى خان ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران قيد ڪاٽيائين. لاڳيتو پندرهن سالن تائين انساني حقن جي ڪميشن ۽ ڪائونسل ميمبر ٿي رهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي لا ڪاليجز جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بہ رهيو. 2003ع ۾ وڪالت جا 50 سال پورا ٿيڻ تي ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن سندس خدمتن جي مڃتا طور گولڊن جوبلي جشن ملهايو، جنهن ۾ ھن وڪالت تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ڪامريڊ روچيرام سياست، حالات حاضره، سياحت، ثقافت ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي لاتعداد مضمون لکيا آھن. ڪامريڊ روچيرام جي تصنيفن ۾: (1) ھندولا، (2) ڏنم ھوت ھٿن سـان، (3) ڳالهيون ڪاڪ ڪنڌيءَ جون، (4) نئيـن سيـاسـي سـوچ، (5) ٽيننسي ائڪٽ جو سنڌي ترجمو- ڇپيل آھن. ان کانسواءِ ڪافي مواد ڇپائيءَ جو منتظر اٿس. ڪامريڊ روچيرام ڪيترائي ڀيرا ڀارت، ٽي ڀيرا آمريڪا، چار ڀيرا برطانيا، نيپال، بنگلاديش، جرمني ۽ فرانس جا دورا ڪري، بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري چڪو آھي.
- جنم: 1928-08-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل