اياز رضوي

 شاعر اياز رضويءَ جو پورو نالو سيد اياز حسين شاھ رضوي آھي. ھن پھرين اپريل 1973ع تي تعلقي جهڏي جي ڳوٺ عباس علي شاھ ۾ جنم ورتو. اياز رضوي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1988ع ۾ ھاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ ڪيائين. ھن لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو : اگهي ڪير ڳوڙها“ 2005ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو شعري مجموعو ”بھارون سوڳواريءَ ۾“ سال 2016ع ۾ ڇپيو. اياز رضوي، سنڌي ادبي سنگت، نئون ڪوٽ شاخ جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آھي. ھو پنھنجي ڳوٺ عباس علي شاھ ۾ رهي ٿو ۽ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آھي.

  • جنم: 1973-04-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب