منظور ٿھيم

منظور ٿھيم جي پيدائش 26 اپريل 1967ع تي سنڌ جي اوائلي شھر جوھي ۾ ٿي. ھن شھر کي ڪاڇي جي ڪجهہ قديمي ۽ ڌرمي مرڪزي شھر جي ڪري بہ سڃاتو وڃي ٿو. ورھاڱي جي درد کي ھن شھر بہ ائين ڀوڳيو جيئن سنڌ جي باقي شھرن ۽ ماڻھن.
منظور ٿھيم ھن شھر کان پنھنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ پنھنجي ھمعصر ادب جي حلقن ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم ۽ پُر اثر رائيٽر طور مڃتا ماڻي. ھو پنھنجي پھرين ناول، گذري وئي برسات جنھن لاءِ مشھور آھي تہ سنڌ جي کاٻي ڌر جي تحريڪ ۾ متحرڪ نوجوانن جي زندگيءَ جي ڪجهہ اھم واقعن غم ۽ خوشين سان ڀريل احساسن تي مشتمل شاھڪار آھي جيڪو ٻڌائي ٿو بي خوف ۽ بھادري سان جيئڻ ۽ ماڻهن جي حقن لاءِ مزاحمت ڪرڻ ئي دراصل زندگي جي اصل معني آھي. منظور جي لکڻي جا موضوع اڪثر ڪري سنڌ جي پيچيدہ سماجي، سياسي، ثقافتي مسئلن ۽ عوامي حقن جي تحريڪن جي گرد گهمندڙ ڪردار ۽ زندھہ سلامت فرد آھن. جيڪي جيئن ٿا پنھنجي لازوال شعور ۽ سمجهہ سان، پنھنجي مرضي ۽ سرفروشي سان. گذري وئي برسات جديد سنڌي سماج ۽ ادب ۾ ھڪ تاريخي ڪم ان ڪري بہ آھي تہ ھي ناول ان وقت جي سياسي تحريڪن جي روين کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جيڪو پوءِ خانداني روايتي، زندگي جي ڪجهہ حساس پھلوئن ، ذات پات جي فرق، جدوجھد نوآبادياتي نظام جي دردناڪ نتيجن کي سادي نظر سان پيش ڪري ٿو، منطور، پنھنجي ٻئي ناول پنھون ۾ ڪنھن حد تائين وڌيڪ مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ تہ ھڪ رائيٽر ئي پنھنجي ماڻھن جي درد کي پوري طرح سمجهي سگهي ٿو پنھون دراصل بلوچ مسنگ پرسن جي پسمنظر ۾ لکيل ناول آھي ان کانپوءِ ناول ”منڇر“ ۽ نوٽس تي مشتمل ”درياءُ منھنجو مرشد“ ۾ منظور، قدرتي ۽ ماحولياتي سوال ڏانھن بيحد سنجيدہ رويو اختيار ڪري ٿو، ھي بنيادي سوال آھي تہ منڇر سنڌ جي آسودہ مٺي پاڻي جي ڍنڍ کي جنھن طرح آلودہ ڪيو ويو اھو سوال قدرتي ۽ ماحولياتي ئي ناھي پر انساني بہ آھي جنھن ۾ اھو احساس ملي ٿو تہ منڇر جي انھن مھاڻن جو ڇا ٿيو ۽ ڪيڏانھن ويا؟ جن جو گذر سفر منڇر تي ھو جن کي ھڪ ئي ھنر آيو ٿي مڇي پڪڙڻ. درياءِ منھنجو مرشد جيڪو نوٽس تي مبني ڪتاب آھي دراصل ماحولياتي آلودگي ۽ سنڌو درياءِ سان رياستي دشمني ۽ شھري آبادي جي اربنائيزيڊ سماج جي بيرحم روين تي آڌاريل آھي، گوادر ( شناخت ڪرائو) ڪتاب ٽريولاگ يا گوادر جي سفر جي صورت ۾ بلوچ قوم جي تحريڪ خاص طرح مسنگ پرسن ۽ بلوچ نسل ڪشي خلاف گهرايل  راجي مچي (قومي گڏجاڻي) جو اکين ڏٺو احوال آھي، ھڪ رائيٽر کي عوامي ھجڻ گهرجي ان احساس ڪري منظور ٿھيم 28 جولاءِ 2024 گوادر وڃڻ جو فيصلو ڪيو تہ جيئن بلوچستان جي ماڻھن ۽ عوامي تحريڪن کي ويجهڙائي کان ڏسي ۽ سمجهي سگهي. ھي بيحد تڪليفدہ سفر ھو. منظور ٿھيم، ادب کان ٻاھر جي سرگرمي ڏانھن پنھنجو ڌيان وڌايو آھي. ماحوليات کان وٺي انساني حقن تائين جي مسئلن تي جوش سان ڳالھايو آھي. ترقي پسند ادبي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي، جنھن کيس ھڪ تڪراري شخصيت بڻائي ڇڏيو آھي. منظور جا ناول، نوٽس ۽ مضمون، ملڪ اندر جمھوريت جي تباھي کان وٺي سرمائيداري جي خطرن تائين جي موضوعن کي حل ڪن ٿا، جنھن ھن کي ھمعصر سماجي انصاف جي تحريڪن ۾ خاص سڃاڻپ ڏني آھي، سندس موقف جي چوڌاري تڪرارن جي باوجود، ھو پسماندہ آوازن جي وڪالت ۽ سماجي اصولن کي چئلينج ڪرڻ جي پنھنجي عزم ۾ بيحد سرگرم ڪردار نڀايو آھي.
منظور جو ڪم ادب ۽ سياست ٻنھي تي مشتمل آھي، جنھن مان ھن جي سياسي سجاڳي جي خبر پوي ٿي، جنھن کيس دنيا ۾ ھڪ باغي ۽ عوامي رائيٽر جي صفحن ۾ بيھاريو آھي، سندس مخصوص لکڻ جو انداز، نثر ۾ انساني حقن جي پيچيدگي جو ھڪ تيز احساس شامل آھي، منظور پنھنجن موضوعن کي ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي بہ ماڻهن جي سوچڻ جي انداز تي اثر انداز ٿيو آھي جنھن ۾ منڇر (آلودہ پاڻي) علي بابا (جينئس اسٽوري رائيٽر) ۽ دي اسٽوري آف انڊس رورس (ڪھاڻي سنڌو درياءَ جي) جيڪي موضوع ڊاڪيومينٽريز تي آڌاريل آھن جنھن سان منظور ٿھيم ھڪ اميد افزا ليکڪ کان عوام جي بنيادي حقن، ادبي تحريڪن جي سفر ۾ وڌيڪ آسان ۽ سمجهڻ واري جرعت پيدا ڪري ٿو.
 

  • جنم: 1967-04-26
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image