اويس ڀٽو
ناليواري اديب شاعر، تعليمدان اويس ڀٽي جو پورو نالو اويس احمد ڀٽو ولد ارشاد احمد ڀٽو آهي. سندس جنم 23 جنوري 1988ع تي ڳوٺ مبارڪپور تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان 1999ع ۾، مئٽرڪ 2004ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور مان، انٽر ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺُل مان، ايم. اي سنڌي، بي. ايڊ ۽ ايم. ڊي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪيائين. هينئر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ايم. فل ڪري رهيو آهي. اويس ڀُٽي لکڻ جي شروعات 2003ع کان ڪئي، جڏهن هو نائين ڪلاس ۾ پڙهندوهو. سندس پھرين لکڻي 2003ع ۾ ماهوار ‘ساٿي’ رسالي ۾ ڇپي. ان کان علاوہ سنگتي، سنڌي ٻارڙا، ٻارن جي دنيا، تحفو، ٻالڪ دنيا، گلڙا، مھراڻ، عبرت مئگزين، تخيل، اُتساھہ، ڪاوش مِڊ ويڪ، ڪاوش دنيا، دِي ڪيڊٽ، نونھال ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ لکيائين. ان کان سواءِ سنڌ مان نڪرندڙ اخبارن جھڙوڪ: ڪاوش، ڪوشش، عبرت، عوامي آواز، تعميرِ سنڌ، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، سُڪار، غريب نواز ۽ ٻين ۾ مسلسل سندس لکڻيون ڇپجنديون رهن ٿيون. اويس ڀٽو عملي زندگيءَ جي شروعات 2006ع گل ماڊل ڪاليج جيڪب آباد ۾ پڙهائڻ کان ڪئي. 2014ع کان 2016ع تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور پڙهايائين. 2016ع ۾ هو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌي مضمون جو اسپيشلسٽ طور ڀرتي ٿيو، جتي دَرسي ڪتابن جي سَنوارَ ۽ سُڌار جون ذميواريون سرانجام ڏيندو پيو اچي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘جهرڪيءَ کان انٽرويو’ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون: 2012ع)، ‘گلن مُٺ’ (مضمون: 2013ع)، ‘رانديڪو’ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون: 2014ع)، ‘تعليمي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي؟’ (تعليم: 2014ع)، ‘پيارَ جو پيرڊ’ (ڪھاڻيون: 2015ع)، ‘مِٺي ڳالھہ’ (مضمون: 2015ع)، ‘ٻَھہ ٻَھہ ڪندڙ ٻالڪ’ (ٻاراڻي شاعري: 2016ع)، ‘ڪاميابيءَ جو راز’ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون: 2016ع) وغيرہ شامل آهن.
- جنم: 1988-01-23
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل