عباس سارنگ

ڪھاڻيڪار ۽ صحافي عباس سارنگ جو پورو نالو عباس علي ولد رسول بخش سومرو آھي. سندس جنم 12 آگسٽ 1972ع تي جيڪب آباد شھر ۾ ٿيو. ھن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري فيملي لائين اسڪول جيڪب آباد مان، مئٽرڪ ڪراچيءَ مان 1989ع ۾، انٽر سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪراچيءَ مان 1993ع ۾، ايم. اي (سنڌي) شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1998ع ۾ حاصل ڪئي. ھن 2006ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيو. سندس ڪھاڻيون مختلف ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. ھي سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو مختلف وقتن تي سيڪريٽري رهي چڪو آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘پکي اڏاڻا پيار جا’ (ڪھاڻيون: 2005ع)، ‘مقدس مٽي’ (ڪھاڻيون: 2009ع)، ‘ڪپيل نڪ’ (ڪھاڻيون: 2011ع)، ‘مئل مک’ (ڪھاڻيون: 2015ع) ۽ ٻارن لاءِ ڪھاڻين جو ڪتاب ‘مٽيءَ جو ھاٿي’ (2018ع) شايع ٿيل آھن. کيس سنڌي ادبي سنگت طرفان ‘بھترين ڪھاڻيڪار اوارڊ’ ۽ ‘استاد مھر عبداللطيف اوارڊ’ مليل آھن. پاڻ سيشن ڪورٽ جيڪب آباد جو ملازم آھي ۽ جيڪب آباد ۾ رهي ٿو.

  • جنم: 1972-08-12
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image