حافظ نظاماڻي
سنڌ جو عوامي شاعر ۽ لاڙ جي لال سان مشھوري ماڻيندڙ حافظ نظاماڻيءَ جو پورو نالو حافظ محمد ولد فقير آدم خان نظاماڻي آھي. سندس جنم پھرين سيپٽمبر 1954ع تي ڪڙئي گهنور شھر کان ٽي ڪلوميٽر جي فاصلي تي، ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي ۾ ٿيو. انھن جو پاڙو زرداراڻي نظاماڻي سڏجي ٿو. شروع کان ئي حافظ محمد نظاماڻيءَ کي ڪنھن اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ نہ ويھاريو ويو ھو. اٺن سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ کيس ڳوٺان وٺي ماتلي شھر ۾ آيو، ۽ نظاماڻين جي پاڙي واري مدني مسجد ۾ مرحوم حافظ احمد ورياھ جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي حفظ واري تختي پڙھيو. ان وقت ھيءَ ننڍڙو محمد، جڏھن پڙھائيءَ کان واندو ٿيندو ھو تہ مسجد ٻاھران پاڙي جي ٻارن، جوانن ۽ پوڙھن سان بنا حجاب جي رلِي ملي ڪچھريون لايو ويٺو ھوندو ھئو. ان کان پوءِ حافظ احمد ورياھ ماتليءَ مان مدرسو کڻي سندس ڳوٺ ڀرسان علي پور ويو، ۽ ھن ننڍڙي کُٿابي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. علي پور جي مدرسي ۾ محمد قرآن مجيد حفظ ڪيو، ۽ حافظ محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان کان پوءِ واپس ڳوٺ ويو جتي مجازي عشق جي وَرَ چڙھي ويو ۽ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. مجازي عشق کان ٿڙي معرفت جي منزل ڏانھن راغب ٿيو، جنھن رڱي ريٽو ڪيس ۽ حقيقيءَ جي منزل ماڻيائين. سندس قلب تان ڪٽ لھي صاف ٿيو. حقيقي منزل بابت شعر چيائين.
حافظ صاحب پاڻ شاعريءَ جي حوالي سان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ مولوي احمد ملاح جو مداح آھي، صوفيانہ ڪلام ۾ حافظ صاحب خود پاڻ بہ نرالي ۽ جداگانہ حيثيت رکي ٿو. حافظ صاحب لاڙ جو ھڪ يگانو شاعر آھي، جنھن پنھنجي شاعري ۾ نہ صرف لاڙ پر پوري قوم کي جنجهوڙي، اگهور ننڊ مان اٿاريو آھي. سنڌ ڌرتي ۽ قوم سان جيڪو ويڌن وھي پيو، ان جو کُلي عام ذڪر ڪيو اٿس. حافظ صاحب مذھبي حوالي سان حمد،نعت، قصيدا ۽ مناجاتون پڻ چيون آھن. سندس شاعريءَ جو ھڪ مجموعو ”باغي آ عشق منھنجو“ ڇپيل آھي.
- جنم: 1954-09-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل