صوفي نيڀراج
نامور اديب، شاعر، استاد نيڀراج ولد گنگو مل سوٽھڙ جو ادبي نالو صوفي نيڀراج ھو. سندس جنم 14مارچ 1933ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ ٿيو. ھن پرائمري تعليم ڳوٺ موري منگر ۾ ورتي. ميٽرڪ ۽ عالم اديب فاضل جو امتحان حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1953ع ۾ پرائمري اسڪول دريا خان ناھيون ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانپوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايائين. ڊيپوٽيشن تي انگريزي استاد بہ رهيو. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام خان جي ڪچھري'>فتح خان جي ڪچھري ۾ ڪردار ادا ڪيائين ۽ ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تان ڪجهه پروگرام ڪيائين. ھن پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت موري منگر، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين تنظيمن ۾ بہ سرگرم ورڪر طور ڪم ڪيو. سندس شاعري ٽماھي مهراڻ ۽ اخبار تعليم رسالن ۽ روزاني عبرت ۽ آفتاب اخبارن ۾ ڇپيل آھي. صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو ڪتاب ’صوفي جي صدا‘ عنوان سان سندس پٽ ڊاڪٽر ڪرشن لال صوفيءَ مرتب ڪيو آھي، جنهن ۾ غزل، بيت، وايون، حمد، نعت ۽ مرثيه شامل آھن. ان کان علاوه سندس ٻيو شاعري جو ڪتاب ’گفتگو گمنام جي‘ عنوان سان شايع ٿي چڪو آھي ۽ سندس ٽيون شاعري تي مشتمل ڪتاب جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آھي صوفي نيڀراج، 16 ڊسمبر 1988ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھ ڳوٺ موري منگر جي قبرستان يوسف شاھ ۾ آھي.
- جنم: 1933-03-14
- ورسي: 1988-12-16
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل