شاعر، ڪھاڻيڪار، پبلشر ۽ ٻاراڻي ادب جو ليکڪ

قربان منگي

شاعر، ڪھاڻيڪار، پبلشر ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪ قربان منگيءَ جو اصل نالو قربان ولد حسين بخش منگي آھي. پاڻ پھرين اپريل 1961ع تي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس آهي. هن 1996ع ۾ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي نالي هڪ اسڪول قائم ڪيو. جنھن جو پاڻ ڊائريڪٽر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’۽ هوءَ هلي وئي (ڪھاڻيون: 1980ع)، (2) ’راهن جو رولاڪ‘ (ڪھاڻيون ۽ شاعري: 1987ع)، (3) ’مسافر‘ (سفرنامو: 1990ع)، (4) ’هڪ گهڙي پيار جي‘ (سفرنامو: 2004ع)، (5) ’آمريڪا ۾ ايڪٽيھہ ڏينھن‘ (سفرنامو: 2009ع) (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران انعام يافتہ)، (6) ’سچل يادگار ڪاميٽي، تاريخ جي پسمنظر ۾‘ (2010ع)، (7) ’هوائيءَ جي هوائن مان‘ (سفرنامو: 2020ع)، (8) ’چائنا ۾ چوويھه ڏينھن‘ (سفرنامو: 2020ع) شامل آهن. قربان، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جو باني آهي. هن اداري ڪيترائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ادارن سان لاڳاپيل آهي. کيس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.

  • جنم: 1961-04-01
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب