اختر درگاهي

مشھور راڳي، شاعر ۽ محقق اختر درگاھيءَ جو اصل نالو اختر علي ميراڻي آھي. 24 سيپٽمبر 1964ع تي، سنڌ جي تاريخي شھر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ ”درگاھي ميراڻي“ سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ سندس ڏاڏي مائي ”بيگم فقيرياڻي“، سنڌ جي نامياري ڪلاڪار ۽ شاعرہ ھئي. 1980ع ۾ روهڙيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي ادب ۽ معاشيات ۾ ماسٽر ڪيائين. ھن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آھي. ھيل تائين سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ’گل ۽ مکڙيون‘ (ٻارن لاءِ)، ’رنگ، خوشبو ۽ ھوا‘ ۽ ’شاعري مُرڪي پئي‘ (2000) ڇپجي چڪا آھن، ھن بيدل سائينءَ جو اردو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپايو آھي، جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع جو ’تحقيقي ادب جو اوارڊ‘ حاصل ڪري چڪو آھي. سکر نئشنل سيمينار 26- 27 مئي 2001ع تي ھن جو ٻيو تحقيقي ڪتاب ’تذڪرہ جھان شاھي‘ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2003ع ۾ سندس ٽيون تحقيقي ڪتاب ”بيدل، بيڪس ۽ سڪايل“ شايع ٿيو. سندس ٻين ڪتابن ۾: اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام، بيدل سائينءَ جو رسالو، حال فقيري (بيگم فقيرياڻي جي سوانح ۽ شاعري)، سچل سائين ۽ درازي فيض، تنوارون (درگاھي ميراڻي جي ڪُليات) ۽ جانشاھي بزرگن جو ڪلام شامل آھن. ان کان سواءِ بيدل يادگار ڪميٽيءَ پاران نڪرندڙ مخزن ”بيدل“ جا ڪيترائي شمارا ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آھي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي آڊيٽر ۽ خزانچي رهي چُڪو آھي. پاڻ ھن وقت بيدل يادگار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري، سکر آرٽس ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري ۽ بيدل ڪتابي سلسلي جو ايڊيٽر آھي.  ھو سُرن ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو آھي ۽ سريلو ڳائيندو آھي.

  • جنم: 1964-09-24
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image