اندرا شبنم پوناوالا
اندرا شبنم پوناوالا جو جنم ۲۴ نومبر ۱۹۵۰ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. ھن وقت پاڻ پونا ۾ رهن ٿيون. ھوء بي اي ۽ بي ايڊ آھي. اندرا شبنم پنھنجي ڪيريئر ۾ ۱۹۷۹ع کان تعليم سان لاڳاپيل آھن، پاڻ يوگا جون بہ بھترين استاد آھن. سندن اصل سڃاڻ شاعري ۽ ادبي ميدان ۾ سندس سرگرميون آھن. اندرا شبنم اندو سنڌي، اردو، ھندي ۽ مراٺي زبانن ۾ شاعري ڪئي آھي. ھوء ڪھاڻيء جي بہ بھترين ليکڪا آھي. اندرا شبم ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ پنھنجي شاعري ۽ ڪھاڻي پيش ڪندي رهي آھي. جنوري ۲۰۱۱ع ۾ ھيرو ٺڪر، ومي سدا رنگاڻي سان گڏ ھوء پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ جي دوري تي آئي، جنھن ۾ ھوء شاھ لطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مختلف سيمينارن ۾ شرڪت ڪندي رهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ھيٺيان ڪتاب شامل آھن :
۱. شبنمي قطرا،۱۹۹۱ع (سنڌي : شاعري)، دھلي اڪيڊمي اوارڊ
۲. عبادت، ۱۹۹۶ع (هندي ۽ سنڌي ڪھاڻيون) گجراتي اڪيڊمي اوارڊ
۳. سالن جو سک، ۲۰۰۰ع (سنڌي شاعري)
۴. تصويرين، ۲۰۰۲ع (هندي شاعري)
۵. سرگوشيان، ۲۰۰۳ع (اردو شاعري)
۶. سلسلي، ۲۰۰۳ع (هندي شاعري)
۷. دستڪ، ۲۰۰۴ع (هندي شاعري)
۸. عبادت، ۲۰۰۶ (اردو ڪھاڻيون)
۹. جاڳيل ضمير، ۲۰۰۷ (سنڌي شاعري)
- جنم: 1950-11-14
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل