اختر حفيظ

ليکڪ ۽ صحافي اختر حسين ڪنڀر جو جنم 17 آگسٽ 1981ع تي، ڳوٺ حاجي عرس ڪالرو، تعلقي ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ مشھور ليکڪ، صحافي ۽ ڊراما نويس حفيظ ڪنڀر جي گهر ۾ ٿيو. ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ ’اختر حفيظ‘ جي نالي سان آھي. پرائمري، مئٽرڪ (1997ع) ۽ انٽر (1999ع) ڪوٽ غلام محمد مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ بي. اي (2003ع)، ايم اي (سماجيات، 2009ع)، ايم اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيون. اختر حفيظ لکڻ جي شروعات 1992ع ۾ ڪئي. ھن مختلف رسالن، اخبارن ۽ چئنلن ۾ ڪم ڪيو جن ۾: ’گُل ڦُل‘، ’ارچڪ مرچڪ‘، ’سنڌ رنگ‘، ’هزار داستان‘، ’عبرت مئگزين‘، ’مھراڻ‘، ’پره‘، ’عوامي آواز‘، ’جاڳو‘، ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘، ’گلستان‘، ’همسري‘، ’سنڌيا‘، ’تحريڪ‘، ’سنڌ ايڪسپريس‘، ’ڪاوش‘، ’ڊان‘، ’فرائڊي ٽائمز’، ’دي نيوز‘، ’بي بي سي اردو‘، ’دي ٿرڊ پول‘ ۽ ’برسات‘ وغيرہ شامل آھن. ان کانسواءِ سنڌ جي تاريخي ماڳن تي بلاگ ۽ سنڌي ڊراما لکيل اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوچي منھہ: آزاد ويٽنام جو باني“ (سوانح حيات ترجمو: 2011ع)، ”جڏهن تون کلين ٿي“ (شاعري: 2011ع)، ”برسات کانپوءِ“ (ڪھاڻيون: 2012ع)، ”ادب ۽ سماج“ (2017ع)، ”ٽيھہ منٽ“ (ڪھاڻيون: 2018ع)، ”ڪووڊ-19“ (ناول: 2021ع)، ”روءُ نہ ٻچڙا“ (ناول، ترجمو: 2021ع)،”ٻي عالمي جنگ جي مختصر ڪھاڻي“ (2021ع)، ”درياھ وارو ديس“ (ناول، ترجمو: 2022ع) ۽ ”ڪيفي ادب“ (ناول: 2023ع) شامل آھن. 2015ع ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران بھترين ڪھاڻيڪار جو اوارڊ حاصل ڪيو، 2023ع ۾ انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊر شپ پروگرام ھيٺ، صحافي جي حيثيت ۾ آمريڪا جا مختلف ادارا گهمي چڪو آھي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران فيلوشپ سرٽيفڪيٽ بہ مليا.

 

  • جنم: 1981-08-17
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image