عابدہ گهانگهرو

ناليواري ليکڪا، محقق، ڪھاڻيڪارہ ۽ استاد، ڊاڪٽر عابدہ گهانگهرو  جو جنم 24 نومبر 1969ع تي ڪامريڊ محمد ھاشم گهانگهري  جي گهر، محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. سندس والد سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ الاٽن تحريڪ جي اھم اڳواڻن مان ھو. عابدہ جو ڀاءُ فيض گهانگهرو  ۽ ڀينرن: زبيدہ گهانگهرو،  حميدہ گهانگهرو  ۽ نورانساءِ گهانگهرو  جو شمار سنڌ جي مشھور سياسي سماجي ۽ علمي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. عابدہ پرائمري تعليم محرابپور ۽ انٽر ڪنڊياري ڪاليج مان ڪئي. ان کان علاوہ ھن بي. اي ۽ ايم. اي اڪنامڪس شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ۽ ايم. اي سنڌيءَ جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2015ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسيءَ جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان “سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند نظريا ۽ لاڙا” ھو. ھن لکڻ جي شروعات اردو ٻوليءَ ۾ ھڪ تاثراتي ڪھاڻي ‘سيڙهيان’ سان ڪئي، جيڪا پوءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ‘ڏاڪڻ’ جي نالي سان 1990ع ۾ روزاني ‘عوامي آواز’ ۾ سندس لکيل پھرين سنڌي ڪھاڻي ‘عورت دردڪٿا’ آھي، جيڪا 1990ع ۾ ساڳي اخبار ۾ ڇپي. ان کان سواءِ سندس مضمون، مقالا، ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رهن ٿا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘شيخ اياز صدين جو سرجڻھار’ (تحقيق)، ‘تخليق جو انت’ (ڪھاڻيون) ۽ ‘ماريہ، ميز ۽ لائبريري’ (ٻارڙن لاءِ ڪھاڻيون) شامل آھن. عابدہ گهانگهرو  1995ع کان روزاني اخبار عوامي آواز جي عورتن واري صفحي سورميءَ جي ايڊيٽر/ انچارج رهي آھي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي 1990ع کان 2000ع تائين ڪمپيئر، انائونسر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر بہ آھي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۽ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن ڪراچيءَ جي ميمبر ۽ سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ جي باني ميمبر ۽ عھديدار آھي. سندس شادي ناليواري اديب، محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان ٿي، جنھن مان کيس ٽن نياڻين ۽ ھڪ پٽ جو اولاد آھي.

  • جنم: 1969-11-24
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image