ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
اديب، محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد ولد محمد ابراھيم لاکو 6 جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيي، تعلقي موري، ضلعي نوابشاھ (ھاڻوڪي نوشھري فيروز) ۾ پيدا ٿيو. ھن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ايم. اي (انگريزي ادب) 1980ع ۾ ۽ ٻي ايم. اي (تاريخ) 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۽ پي. ايڇ. ڊي ‘ارڙهين صديءَ جي سنڌ’ جي عنوان سان 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ھي درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلھاڙيل رهيو ۽ 2014ع ۾ تاريخ جي شعبي (سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو) مان پروفيسر ۽ چيئرمئن طور رٽائرڊ ٿيو. ھن نواب شاھ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران، مولانا غلام محمد گراميءَ جي صحبت ۾ تاريخ جي موضوع تي لکڻ شروع ڪيو. سندس پھريون مقالو ’ٺل مير رڪن‘ ٽہ ماھي ‘مھراڻ’ (1979ع) ۾ شايع ٿيو. ھن سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڻ لکيو. سندس ڪجهہ مضمون فارسيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آھن. ھن ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. پير حسام الدين راشدي، محمد ابراھيم جويي ۽ ايم. ايڇ. پنھور سان علمي ۽ ادبي حوالي سان انتھائي ويجهو رهيو. غلام محمد لاکو مختلف ادارن: سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌ آرڪائوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ سان بہ سلھاڙيل رهيو. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سينيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊيز اينڊ ريسرچ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) سنڌ صدين کان (تاريخ: 1980ع)، (2) سنڌي ادب (پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1981ع)، (3) تاريخ جا سبق (ترجمو: 1984ع)، (4) سمن جي سلطنت (تاريخ: 1987ع)، (5) دولھہ دريا خان (ٻاراڻو ادب: 1990ع)، (6) ڳالھيون منھنجي سنڌ جون (ترتيب: 1992ع)، (7) مطالعو سنڌ جو (ترجمو: جلد پھريون: 1992ع، جلد ٻيو: 2004ع)، (8) سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو (مضمون، مقالا: 1997ع)، (9) مقالات راشدي (ترتيب: اردو: 2002ع)، (10) ڪلھوڙا دور حڪومت (تاريخ: 2004ع)، (11) سنڌ جي سمن جي بادشاھي (انگريزي: 2006ع)، (12) تاريخ معصومي (مرتب: 2008ع)، (13) جديد سنڌ جي تاريخ- ڪجهہ جهلڪيون (انگريزي: 2008ع)، (14) سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا مغل نواب (تاريخ: 2008ع)، (15) مشھور سنڌي ماڻھو (ٻاراڻو ادب: 2009ع)، (16) تاريخ سنڌ- عرب دور (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: مرتب: 2009ع)، (17) تذڪرہ مشائخ سيوستان (مرتب: 2010ع)، (18) سنڌ- ڪڇ لاڳاپا (انگريزي، سنڌي: ترتيب: 2010ع)، ۽ (19) سنڌ شناسي (ايم. ايڇ پنھور: ترتيب: 2017ع) قابل ذڪر آھن. غلام محمد لاکو، سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ رسالي سنڌي ادب جا پنج پرچا ترتيب ڏيڻ کانسواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اھم رٿا انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ تاريخ جي موضوع جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ھن 03 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي.
- جنم: 1954-07-06
- ورسي: 2025-03-03
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل