ڊاڪٽر ساجدہ پروين

 محقق، اسڪالر، تعليمدان ۽ اديب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جو جنم 5 جولاءِ 1982ع تي ڳوٺ مهتاڻا، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ عاشق علي بهليم جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد روزگار سانگي ڪراچيءَ رهائش پذير ٿيو. جنهن سبب ساجدہ سموري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ھن 2007ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. ساڳي يونيورسٽيءَ مان 2015ع ۾ نامور اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي جو عنوان ‘جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر’ ھو. 
ساجدہ پروين 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. جتي ھينئر اسسٽنٽ پروفيسر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آھي. ساجدہ نئين ٽھيءَ جي اسڪالر آھي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ڪراچي يونيورسٽي طرفان نڪرندڙ ‘ڪلاچي’ تحقيقي جرنل ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ ‘ڪارونجهر’ تحقيقي جرنل ۾ ڇپيل آھن. جن ۾: ‘شاھ وٽ غير جاندار شين جي ڪردارنگاري’، ‘استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري’، ‘سرريئلزم: سنڌي ادب تي ان جو اثر’، ‘ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب ’ ، ‘شيخ اياز جو ھائڪو: ھڪ مطالعو’ قابل ذڪر آھن. 
ساجدہ پروين، شاھ لطيف جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس سميت ٻين ادبي ادارن جي سيمينارن ۾ پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو آھي. ساجدہ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊي جي 2012ع کان ھن وقت تائين ميمبر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز جي بورڊ آف فيڪلٽي جي 2012ع کان ميمبر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي 2014ع کان 2016ع تائين اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر رهي. ساجدہ پروين جي ماسٽرس جو مونوگراف عنوان ‘شاھ لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي رومانوي شاعري (تقابلي جائزو)’ ھو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘جي. ايم سيد جون ادبي خدمتون’ 2009ع ۽ ‘جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر’ قابل ذڪر آھن. ھيءُ ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي 2016ع ۾ ڇپرايو. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آھن. جن ۾: جي. ايم سيد ميموريل ڪاميٽي ھيوسٽن، آمريڪا طرفان مڃتا اورڊ (2011ع)، ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ طرفان پي. ايڇ. ڊي ريسرچ اوارڊ (2015ع) ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ طرفان ڪتاب ‘جديد ادبي تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر’ تي مڃتا اوارڊ (2016ع) قابل ذڪر آھن. 
ساجدہ پروين جي شادي انجنيئر غلام رسول مگسيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس ھڪ ڌيءَ مناحل جو اولاد آھي. ساجدہ پروين، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آھي.

  • جنم: 1982-07-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل