ظفر حسن

ناليواري اديب، ڪھاڻيڪار، ايڊيٽر ظفر حسن شاھ ولد سيد نظر علي شاھ جو جنم 14 آگسٽ 1937ع تي حيدرآباد شھر ڀرسان واڻڪي وسيءَ ۾ ٿيو. سندس والد سيد نظر علي شاھ پنھنجي ڳوٺ جو پھريون پڙهيل ڳڙهيل شخص ھو. ظفر حسن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ”واڻڪي وسي“ ۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد ھاءِ اسڪول مان، مئٽرڪ 1954ع، انٽر آرٽس 1957ع ۾ ايم. اي 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ھو 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي ھلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان 1997ع ۾ رٽائر ڪيائين. وچ ۾ 1977ع کان 1979ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري بہ رهيو. ظفر حسن جي پھرين ڪھاڻي ڪاليج مخزن ”ڦليلي“ ۾ 1955ع ۾ شايع ٿي، طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي ھوندي ھيس. ظفر حسن جي ڪھاڻي ’رهيل قرض‘1966ع ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ ڇپي. اڳتي ھلي ظفر حسن ڪھاڻين کانسواءِ کل ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد بہ لکي. سندس چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو 1981ع ۾ ’رهيل قرض‘ جي نالي شايع ٿيو، جنھن ۾ سندس 10 ڪھاڻيون شامل آھن. ظفر حسن ڪھاڻيڪار ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ رهيو. ھن 1970ع ڌاري حيدرآباد ۾  ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سھڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيرہ ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساھت پڻ ڇپجندو ھو. ظفر حسن پريس ۽ پبلشنگ پريس قائم ڪئي، جنھن جي پليٽ فارم تان طارق عالم جو مشھور ناول ”رهجي ويل منظر“ بہ پھريون ڀيرو ظفر حسن ئي ”حسينا سيد پبلشرز“ پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنيٰ ۾ متعارف ڪرايو. پاڻ روزاني ڊائري لکندو ھو، جنھن ۾ ٻين ڳالھين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو ھو. اھڙا ڪيترا ئي نوٽ بُڪ لکيل اٿس، جنھن جو پھريون جلد ”ظفر حسن جي ڊائري“ جي نالي سان مارچ 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آھي. جيڪو ولي رام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو. مٿين ڪتابن/ ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ ”سماجي سائنسون“ ۾ ٻانھن ٻيلي ۽ ”سائنس ميگزين“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو. ظفر حسن 8 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.

  • جنم: 1937-08-14
  • ورسي: 1998-03-08
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image