course image
Hakeem Din Muhammad Akram Borerai

حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي

حڪيم دين محمد ’اڪرم ٻورڙائي‘: شاعر، حڪيم ۽ ڊراما نويس دين محمد ولد امام بخش خان جوڻيجي 25 فيبروري 1936ع تي ڳوٺ ٻورڙي، تعلقي خيرپور ناٿن شاھه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس ادبي نالو ’اڪرم ٻورڙائي‘ ھو. 1954ع ۾ دادوءَ مان استاد شفيع محمد سولنگي جي نگرانيءَ ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيو. حڪمت جي سکيا ھن پنھنجي ڀاءُ ڪريم بخش خان کان ورتي. دادو ۾ رهڻ دوران ’انجمن آفتاب ادب دادو‘ سان سلھاڙجي ويو ۽ حافظ محمد احسن چنا جي شاگرديءَ ۾ رهي شاعري جي سکيا ورتي. ھن 1963ع ۾ ڳوٺ ٻورڙي ۾ ’بزم فدا‘ جو بنياد وڌو، جتي ادب ۽ راڳ جون محفلون، اسٽيج ڊراما ۽ والي بال ٽورنامينٽ ڪرائيندو رهيو. پاڻ والي بال جو سٺو رانديگر ھو. ڳوٺ ۾ والي بال ڪلب جو بنياد پڻ وڌو. ھن پنھنجي لکيل ڊرامي ’هاري جي پڪار‘، ’احمد خان ثنائي‘ جي ڊرامن ’فقير بادشاھ‘ ۽ ’دريا شاھ جو آندو مون کِيرو پلو‘، حڪيم محمد اشرف جوڻيجي جي ڊرامن ’قرباني‘، ’وفادار محبوب‘ ۽ ’سنگدل محبوب‘ سميت ٻين ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ انھن جا گانا بہ لکيا. 1970ع ۾ ڪوٽڙي لڏي آيو، جتي ’مھراڻ والي بال ڪلب‘ ڪوٽڙي جي پليٽ فارم تان آل سنڌ ۽ آل پاڪستان والي بال ٽورنامينٽ ڪرائيندو رهيو. ’بزم ادب‘، ڪوٽڙي جو صدر، بزم روح رهاڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ ’الذاڪرين تنظيم‘ ڪوٽڙي جو سرپرست اعليٰ بہ رهيو. روزگار جي حوالي سان تپيدار، سينئر اڪائونٽنٽ (بورڊ آف روينيو) ۽ حڪمت سان وابستہ رهيو. سندس نعتون چوٿين ۽ پنجين درجي جي سنڌي نصاب ۾ شامل آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’اکيون پسي آيون‘ (1983ع)، ’سندي سڪ پرين‘ (نعتيہ ديوان- 2003ع)، ’جيڏو تنھنجو نانءُ‘ (حمديه ديوان- 2004ع)، ’سڄڻ نت سوجهرا‘ (منقبت ديوان- 2005ع)، ’نائي نيڻ نھار‘ (عشقيہ ديوان- 2006ع)، ’نسورو ئي نور‘ (نعتيه غزل- 2007ع) ۽ ’هينئڙي سڄڻ ساريا‘ (نعتيہ غزل- 2008ع) رباعيات اڪرم شامل آھن. 30 آڪٽوبر 2009ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي. سندس نالي سان سنڌالاجي ڄامشوري ۾ ڪتابن جو ڪارنر قائم ٿيل آھي.

  • جنم: 1936-02-25
  • ورسي: 2009-10-30
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image