حيدر بخش جتوئي
مشھور انقلابي سياستدان ۽ شاعر، ڪامريڊ حيدر بخش ”حيدر“ ولد الھداد خان جتوئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فقير الھداد جتوئي ھو. پاڻ ھڪ سياسي اڳواڻ ۽ زمينداري پيشي سان تعلق رکندو ھو. قومي ڪمن، خاص طرح سان ھارين جي حقن لاءِ حياتي وقف ڪيائين. انھيءِ سلسلي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جو عھدو بہ ڇڏي ڏنائين. ھارين جي حقن خاطر، انگريزن خلاف خوب جدوجھد ڪيائين. ڪجهہ وقت ”هاري“ اخبار بہ جاري ڪيائين. ڪامريڊ حيدر، غريبن جو ھمدرد ۽ مددگار ھو. وٽس وڏو علمي سرمايو جمع ٿيل ھو، جيڪو سندس ڳوٺ ”بکو ديرو“ (تعلقو ڏوڪري) ۾ پيل آھي. ھڪ اندازي مطابق ٽن ھزارن جي لڳ ڀڳ وٽس انگريزي، سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ ڪتاب، رسالا ۽ پمفليٽ موجود ھئا. ابتدائي تعليم پنھنجي ويجهي ڳوٺ پٺاڻ تعلقي ڏوڪريءَ مان 1911ع ڌاري ورتي. جتان ھن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پھرئين نمبر سان 31 آڪٽوبر 1918ع تي پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1927ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين. نوڪرين بابت 1931ع ۾ ھيءُ بدين جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران ھي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين، ميھڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رهيو. سن 1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو آپريٽو سوسائيٽيز ھو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو. 1944ع ۾ حرن خلاف قائم ٿيل اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو. آخرڪار عام ماڻھن سان ظلم ڏسي ھن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عھدي تان 1935 ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. ھن پنھنجي باقي بچيل حياتيءَ کي ملڪي ۽ قومي خدمت وارن ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
ادبي دنيا ڪاليج جي زماني ۾ حيدر بخش جو نالو شاعري ۾ مشھور ٿيو. ڪاليج ۾ 1927ع ڌاري شاگردن جي ھڪ جماعت نالي ”سر سوتي گروپ“ ھئي اتي مشاعرہ ٿيندا ھيا. سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پھريون ڪتاب تحفھ سنڌ شايع ٿيو. جنھن ۾ شڪوہ جو انساني انداز پنھنجي مالڪ سان پيش ڪيو. ھن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت ھڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذھبي ڪٽرپڻي وارن ماڻهن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ تحريڪ ايوانن ۾ ويھندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان ھٽائي سندس ڪتاب ضبط ڪري ڦاسي چاڙهڻ جي فتوى پڻ شامل ھئي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ ھڪ وڏو جلسو ٿيو ۽ نامياري گادي نشين کان علاوہ مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد ميران محمد شاھه، خان بهادر محمد ايوب کھڙو، پير علي محمد راشدي، نظر محمد پٺاڻ جھڙا سياستدان ۽ پير حسام الدين راشدي جھڙا اديب شامل ھيا. سيد ميزان محمد شاھ صاحب سنڌ اسيمبلي جي مسلمان ميمبرن جي وفد جي قيادت ھيٺ بمبئي جي گورنر وٽ حيدر بخش جتوئي خلاف شڪايت کڻي ويا. حيدرآباد جي ڪمشنر مسٽر گبسن وٽ بہ دانھين ٿيا. جنھن حيدر بخش کي گهرائي سمجهايو تہ اھو ڪتاب واپس وٺي پر جتوئي صاحب انگريز ڪمشنر کي صاف جواب ڏنو. جڏهن فائيل بمبئي جي گورنر وٽ پھتي تڏهن گورنر صاحب فائيل ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر ٽو گورنر بمبئي سر شاھنواز خان ڀٽو ڏانھن موڪليو. جنھن تي سر شاھنواز خان ڀٽو نوٽ لکيو تہ سڄي سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي واحد قابل، لائق ۽ ھوشيار مسلمان آفيسر آھي. قابليت کان علاوہ ايماندار ۽ ديانتدار بہ آھي. اھڙي قسم جا ڪتاب اڳ پڻ شايع ٿيا آھن جن تي ڪو بہ قدم کنيو ناھي ويو. لحاظہ ھن ڪيس ۾ بہ خاص قسم يا قدم جي ضرورت ناھي. سر شاھنواز ڀٽو جي سفارش کانپوءِ فائيل داخل دفتر ٿيو. حيدر بخش جتوئي جي ملازمت بچي وئي. سر شاھنواز خان کان علاوہ ان وقت جي اخبارن ۾ صرف مولانا دين محمد وفائي ۽ محمد ھاشم ٻہ اھڙا ايڊيٽر ھيا جن حيدر بخش جتوئي جي خيالن جي مخالفت نہ ڪئي ۽ اھو چيو تہ اھا ڪا خاص ڳالهہ ڪونھي. جيئن تہ ھو وطن ۽ قوم سان محبت ڪندڙ شاعر ھيو تنھن ڪري سندس خاص شعرن جھڙوڪ سنڌ جو دلبر ھوش محمد، پاڪستان زندہ آباد، جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڏاڍا مشھور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ڏاڍا مشھور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ تہ اڄ تائين ھر محفل ۾ ھر فنڪار جي آواز ۾ جهونگار جي پيو شاعري ۾ سندس تخلص ”حيدر“ ھيو. شاعري ۾ خاص طرح تحفہ سنڌ نظم آزادي قوم مخصس سال 1943ع سنڌ پياري (نظم) اي مٺي جيجل سونھھاري سنڌ (ضبط ٿيل) بلوچستان زندہ آباد (ضبط ٿيل) ھاري انقلاب (نثر) ۾ ھاري گيت (شعر) ڪمدار جا ڪارناما (نثر) سال 1952ع پنھنجو مثال پاڻ آھن. سندس شاعري ۾ ھر ھڪ شيءِ جو ذڪر ھئڻ ۽ سنڌ جي ھر ھڪ شيءِ ساڻ عشق سبب ماڻهو ھن کي چريو بہ سڏيندا ھيا. اڄ بہ وڏا شاعر ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويھي ڌرتيءَ قوم ۽ ٻوليءَ بابت شاعري ڪن پيا پر حيدر بخش جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ ويھي ڌرتيءَ جا گيت ڳايا. مرڻ گهڙي تائين سنڌ ۽ سنڌي سنڌي ڪندو رهيو. ھو روزانو زندگي جي وھنوار ۾ قسم بہ سنڌ جو کڻندو ھيو. سندس شاعري ۾ جذبو پيدا ڪندڙ، جوش ڏياريندڙ ۽ غيرت جاڳائيندڙ شاھڪار شامل آھن. ماڻهن ۾ حقن جي قومي جدوجھد جي رهبر جي شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 18 آھي. جن ۾ سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (انگريزي) سال 1950ع ڊيمو ڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (انگريزي چار حصا سال 1955ع) ڊيمو ڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (انگريزي) سال 1956ع لينڊس ان سنڌ، ھوشڊ اون ڊيم (انگريزي) شل سنڌي لينگويج سٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي)، انجسٽس لينڊ اسيسمينٽ ريٽس (انگريزي) ۽ ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي) سال 1957ع، ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (انگريزي) سال 1962ع، ان جسٽس ٽو سنڌ (انگريزي) ٻہ حصا ليٽ اس سيو پاڪستان (انگريزي) ٻہ حصا، ھاير لينڊ ٽيڪسيشن (انگريزي) سال 1966ع کان علاوہ رويو آف قرآن شريف شامل آھي جيڪو شايع نہ ٿيو.[2]. ھن جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو تہ اھو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ گل ۽ خار، جام ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جھڙن موضوعن سان ڀريل ھو. ھن ان دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي ٽن حصن: (1) ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، (2) قومي ۽ انقلابي شاعري، (3) اصلاحي ۽ طنزيہ شاعري ۾ ورھائي سگهجي ٿو. ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن، جفاڪش ۽ محنتي ھارين جي خوب ساراھ ڪري ٿو. ھو ھڪ مرد مجاھد ھو، سنڌ جو سچو عاشق ھو. ھن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾: (1) سلام سنڌ (1947ع)، (2) حيوان انسان (1947ع)، (3) جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! جام محبت پيئي سنڌ (1947ع)، (4) بلوچستان زندہ باد (طنزيہ) (1947ع)، (5). اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ سونھاري (1947ع)، (6) پاڪستان زندہ باد (1947ع)، (7) ائٽم بم (طنزيہ) (1953ع)، (8) سنڌ پياري (1954ع)، (9) اي سنڌي وڏيرا ڪجهہ انسان ٿي (1954ع) ۽ درياھ شاھ جھڙا لافاني نظم شامل آھن. ھن جا طويل مخمس نظم ’آزاديءِ سنڌ‘ ۽ ’تحفہء سنڌ‘ برصغير جي ورھاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا ھئا ۽ مٿس ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام ھڻي سندس ٻئي ڪتاب انگريز حڪومت ضبط ڪيا. سندس اھي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي تاريخ جو پھريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن ٿا،
سنڌ ۾ ھاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مھتا ۽ سائين جي. ايم. سيد شامل ھئا، جن ھاري ڪاميٽيءَ جو بنياد 1930ع ۾ وڌو ھو، جنھن جو بنيادي مقصد غريب ھارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ھو، جيڪي جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا ھئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ٿوري ئي عرصي دوران سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جو باضابطہ پھريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي 1947ع ۾ رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنھن عھدي تي آخري وقت تائين رهيو. ھن جدوجھد ۾ کيس ايوبي دور ۾ جيل پڻ ڀوڳڻو پيو.
ھارين جي حقن خاطر ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيائين، اشتھار ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين. ذڪر ڪيل خاص ڪارنامن جي ڪري ھن مختصر عرصي دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھارين کانسواءِ عام ماڻهن ۾ بہ مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جو کيس عزت احترام طور ’باباءِ سنڌ‘ جي لقب سان سڏيو ويو. ھن ھاري تحريڪ کان سواءِ عملي طرح سياست ۾ حصو ورتو. سن 1945ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان بيٺو. 1951ع ۾ قمبر- شھدادڪوٽ مان اليڪشن ۾ بيٺو، پر وڏيرڪي نظام مضبوط ھئڻ سبب ڪامياب نہ ٿي سگهيو. ننڍين ضمني چونڊن لاءِ دادو، نوابشاھ ۽ سانگهڙ ۾ چونڊن ۾ بيٺو، پر مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا ۽ سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي. سنڌ ڌرتيءَ جي ھن عظيم فرزند پنھنجي زندگي سماجي قومي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ ايمانداري ۽ آدرش سان گذاري، 3 مارچ 1970ع ۾ کيس جگر ۽ ڪينسر جو مرض ظاھر ٿيو، پر پوءِ بہ اديبن، عالمن، شاعرن، نثر نويسن سان رهاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري کين ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) تحفة سنڌ (شاعري-1930) (2) آزاديءِ قوم (شاعري- 1943ع) (3) سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع) (4) ھاري ڪھاڻيون (نثر: 1950ع) (5) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع) (6) اپيل ٽُو سٽيزنس آف پاڪستان (نثر، انگريزيءَ ۾: 1951ع) (7) ھاري انقلاب (نثر: 1953ع) (8) ھاري گيت (1951ع) (9) ڪمدار جا ڪارناما (ڊراما: 1953ع) (10) ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان- چار حصا (نثر، انگريزيءَ ۾: 1955ع) (11) ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1956ع) (12) ان جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1957ع) (13) سنڌي لئنگئيج اسٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي: 1957ع) (14) لئنڊس اِن سنڌ،هو شُڊ اون ديم؟ (انگريزي: 1957ع) (15) ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي (انگريزي: 1962ع) (16) ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي: 1957ع) شامل آھن.
ان کانسواءِ ھن قرآن مجيد جو موضوع وار انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو بہ سندس شاھڪار ڪارنامو آھي.
سنڌ جي ھن حقيقي اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.
- جنم: 1901-10-07
- ورسي: 1970-05-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل