course image
Comrade Ghulam Muhammad Laghari

ڪامريڊ غلام محمد لغاري

نامور قومپرست، ھاري ڪميٽيءَ جو اڳواڻ ۽ صحافي، ڪامريڊ غلام محمد ولد حاجي محمد خان لغاري، 1917ع ڌاري ڳوٺ فقير غلام علي لغاري، تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ٿرپارڪر (هاڻوڪي ميرپورخاص) ۾ پيدا ٿيو. ڳوٺ جي مختلف مدرسن مان ديني تعليم حاصل ڪري پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. سندس والد ھاري ھو ۽ رازڪو ڪم ڪندو ھو. ان ڪري غلام محمد بہ شروع ۾ مزدوريون ڪيون. غلام محمد پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات خاڪسار تحريڪ کان ڪئي. 1935ع ڌاري خاڪسار تحريڪ تي پابندي وڌي وئي تہ پاڻ وفد سان گڏ خاڪسار تحريڪ جي مرڪز لاھور ۾ وڃي رهيو، اتي کيس ساٿين سميت پنجاب جي خانيوال ريلوي اسٽيشن تان گرفتار ڪيو ويو. ٻہ سال ملتان جيل ۾ رهيو، جتي کيس ٽي. بيءَ جي بيماري ٿي پئي ۽ آزادي ملڻ تي علاج لاءِ ھندستان جي شھر ميسور ويو. واپس موٽي اچي سياست ۾ڀرپور حصو ورتائين. ھيءُ ھاري تحريڪ جو عھديدار مقرر ٿيو ۽ پنھنجي ڳوٺ نبي سر کي ان جو مرڪز بڻايائين. غلام محمد، ضلعي ٿرپارڪر ھاري ڪميٽيءَ جو صدر ۽ سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جو نائب صدر رهيو. ھن نبي سر ڳوٺ مان لڏي اچي ميرپورخاص ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتان ھفتيوار اخبار ‘سچائي’ جاري ڪيائين. جنهن اخبار ۾ زميندارن ۽ وڏن ڪامورن خلاف کلي عام لکندو ھو. 1976ع ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيو. سڄي ڄمار ھارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي 13 آڪٽوبر 1982ع تي وفات ڪيائين. سندس نالي پٺيان سنڌالاجي ڄام شوري ۾ ڪارنر قائم ڪيو ويو. غلام محمد لغاريءَ جو ڀاڻيجو مظھر لغاري ۽ گلشن لغاري علم ادب سان سلهاڙيل آھن.

  • ورسي: 1982-10-13
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image