اي جي اتم

اي جي اتم سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پھرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اصل نالو آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي ھو. ھن جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. ھن ايم.اي (بمبئي يونيورسٽيءَ) مان ڪئي. ھي ھڪ ئي وقت ڪھاڻيڪار، مقالا نگار، مترجم، صحافي، دانشور، نقاد ۽ محقق رهيو ۽ سنڌي ادب ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو پرچارڪ ۽ نقيب ھو. پاڻ ھندوستان ۾ سنڌي ٻولي، تھذيب ۽ سنڌيت جو وڏو پرچارڪ رهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ اُتم کي سنڌي ترقي پسند اديبن جي اھا ٽمورتي سڏيو ويندو آھي، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ھندوستان ۾ زندہ رکڻ لاءِ ھڪ منظم تحريڪ ھلائي ۽ سندن ئي ڪوشش سان سنڌي ٻولي ھندستان جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪئي وئي. اي جي. اتم 42-1941ع ڌاري ھڪ ئي وقت ادب ۽ ترقي پسند فڪر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ڪري جديد ترقي پسند ادب کي ڇپڻ شروع ڪيو ۽ اھو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ بہ جاري رکيائين. ھن 40 سالن تائين نہ رڳو لڳاتار ”نئين دنيا“ رسالو ھلايو، پر نئين دنيا پبليشرز ممبئيءَ پاران ڪيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، ھن 50 کان وڌيڪ اديبن کي متعارف ڪرايو، ھي پھريون اديب ھو، جنھن ادبي لکڻين تي نہ رڳو معاوضو ڏنو، پر اوارڊ بہ ڏنا. ھن جي ڪيترن ڇپيل ڪتابن کي ھند سرڪار جي ساھتيہ اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن ايوارڊ ڏنا آھن. اُتم گڏيل ھندوستان واري دور ۾ آزاديءَ جي ھلچل دوران جيل بہ ڪاٽيو، ھي سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم. سيد، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين جو ساٿي رهيو. ڪھاڻيون، ترجما، مضمون نگاري، مقالا نگاري، تنقيد، سفرناما، شخصيتي خاڪا، ھن جا پسنديدہ موضوع رهيا آھن. ھن دنيا جا شاھڪار ناول ۽ ڪھاڻيون نہ رڳو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، پر انھن جا ڪتاب بہ ڇپرايا. اتم جي ادبي پورهيي ۾ ھيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا. (1)’سرحد جو گانڌي‘ (شخصيت: 1945ع)، (2) ’وجي لڪشمي پنڊت‘ (شخصيت: 1946ع)، (3) ’نئون چين‘ (1952ع)، (4) ’ٽئگور‘ (هڪ جهلڪ: 1961ع)، (5) ’ڀارت روس دوستي‘ (1965ع)، (6) ’ڀارت جو دوست لينن‘ (1970ع)، (7) ’ڪشمڪش‘ (ڪھاڻيون: 1971)، ’ساھت ۽ ساھتڪار‘ (1974ع)، (9) ’سنڌي ڪھاڻي‘ (ناٽڪ ۽ تنقيد: 1981ع)، (10) ’ساھتڪ پرک (تنقيد: 1997ع)، (11) ’هُو جھان، ھي مَن‘ (ڪھاڻيون: 1991ع)، (12) ’شاھ، سچل سامي‘ (اڀياس)، (13) ’ليکراج عزيز‘ (شخصيت ۽ فن: 1985)، (14) ’منگهارام ملڪاڻي‘ (شخصيت ۽ فن 1985ع)، (15) ’ ڪلياڻ آڏواڻي‘ (شخصيت ۽ فن )، (16) ’انسان جو نصيب‘ (شولو خوف جي ناول جو ترجمو 1965ع)، (17) ’پيار ۽ واسنا‘ (ٽالسٽاءِ جي ناول جو ترجمو 1962ع)، (18) ’سويت سرڳ‘ (سفر نامو 1954ع)، (19) ’سجاڳ سنڌ‘ (تنقيد ۽ تحقيق: 1984ع)، (20) ’منھنجا مارو ڪٿي؟‘ (ڪھاڻيون)، (21) ’جئي سنڌي- جئي بنگلا‘ (ڪھاڻيون، شعر ۽ مضمون)، (22) ’کلڻي ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (شيخ اياز نمبر)،(23) ’سنڌي ساھت‘ (1971ع)، (24) ’ڇويھ ماڻھو ۽ ھڪ ڇوڪري‘ (گورڪيءَ جون ڪھاڻيون 1969ع)، (25) ’روپ ٻھروپ‘ (خواجہ احمد عباس جي ناول جو ترجمو 1979ع)، (26) ’ڪيدار ناٿ بئلا‘‘ (امرت راءِ پريم جو ناول 1957ع)، (27) ’هڪ ڌار نَوَ لھرون‘ (1961ع)، (28) ’هڪ ڪھاڻي ٻہ ڪردار‘ (1968ع)، (29) ’شڪست‘ (ڪھاڻيون)، (30) ’آخر ڪيستائين‘ (ڪھاڻيون)‘، (31) ’ترقيءَ جي راھ تي‘ (ڪھاڻيون)، (32) ’۽ اوچري‘ (ڪھاڻيون). ’اي جي اتم سويت لئنڊ نھرو‘ (امن اوارڊ: 1965ع ۽ 1972ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا‘ (سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا ادبي اوارڊ: 1991ع)، ’ پريم درشني ادبي اوارڊ‘ (1991ع) ۽ ’ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر سدا رنگاڻي گولڊ ميڊل‘ (1994ع) ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيا. اي جي. اتم کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ ھن 1973ع ۾ روس ۾ ”ورلڊ رائيٽرس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي. ”هي ”سنڌي سنسار“، ”سنڌي سماچار“، اخبارن، ”سنڌو آواز“ ھفتيوار اخبار ۽ ”نئين دنيا“ ادبي ماھوار مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. ھن سنڌي ادبي سنگت کي ممبئيءَ ۾ ”سنڌي ساھت منڊل“ جي نالي سان منظم ڪيو ۽ ڪيترن سالن تائين ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت“ جو سيڪريٽري رهيو. ھن 3 جنوري 2005ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات تي سنڌ ۽ ھند ۾ ڪيترا تعزيتي ميڙ ڪوٺايا ويا.

  • جنم: 1923-12-16
  • ورسي: 2005-01-03
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image