ڊاڪٽر محبوب شيخ
سنڌ جي نامياري تعليمدان، ليکڪ، دانشور ۽ سماجي اصلاح پسند (سوشل ريفارمر) ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جو جنم 21 جولاءِ 1946ع تي ميھڙ تعلقي، ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ٻُٽ سرائي” ۾ هڪ ديندار ۽ تعليم يافتہ گهراڻي ۾ حاجي شمس الدين جي گهر ۾ٿيو. محبوب شيخ پنھنجي پرائمري تعليم جو پھريون سال بدين ضلعي جي ٽنڊوباگو ڳوٺ جي اسڪول کان شروع ڪيو. انهن ڏينھن ۾ هن جي والد صاحب جي ٽنڊوباگو ۾ نوڪري هئي، ان ڪري هو پنھنجي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ کان ٽنڊو باگو اچي رهيا هئا. ان بعد هن پرائمريءَ جا ڪجهہ سال پنھنجي ڳوٺ بہ اچي پڙهيو. 1956ع ۾ هن لاڙڪاڻي ضلعي جي گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. سندس والد جي سکر بدلي ٿيڻ تي محبوب عليءَ کي لاڙڪاڻي جو اسڪول ڇڏي سکر جي اسڪول ۾ سال کن پڙهڻو پيو ۽ سال بعد سندس والد کي جڏهن گڊو بيراج ڪشمور تي رکيو ويو تہ محبوب شيخ کي سکر جو اسڪول ڇڏي ڪشمور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. 1964ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد محبوب شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. محبوب شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. مارچ 1979ع تي محبوب شيخ جي حڪومت طرفان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ منظور ٿي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪوبان اسٽيٽ يونيورسٽي ڪراس نادار ۾ چار سال گذاريا. سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو ”سنڌ جي ڪجهہ ٻوٽن جو ڪوهہ ڪاف ۾ پيدا ٿيندڙ ساڳين ٻوٽن سان تقابلي جائزو“ هيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ 4 مارچ 1967ع تي، يوسف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل تحريڪ دوران گرفتاري بہ ٿيو ۽ سينٽرل جيل ويو.
پاڻ مختلف تعليمي ادارن جو سربراھ پڻ رهيو آهي. هي 1967 ۾ شڪارپور جي سي اينڊ ايس (چيلا سنگهہ سيتل داس) ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، 1973 ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو، جتان 1979 ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ روس ويو. روس کان واپسي تي 1984 ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪري ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. چئن سالن کانپوءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ وائيس پرنسپال ٿي آيو. 1989 ۾ جدہ سعودي عرب جي پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ۾ پرنسپال ٿي ويو جتان واپسي ۾1991 ۾ آدمجي سائنس ڪاليج ۾ وائس پرنسپال ٿيو. 1993 ۾ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جو باني پرنسپال (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) ٿيو. جتي ساڍا چار سال رهي عائشا باواني ڪاليج ۾ شموليت اختيار ڪيائين 1998 ۾ کيس لاڙڪاڻو بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ساڍن ٽن سالن کانپوءِ بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو جو ڊائريڪٽر ٿيو 2003 ۾ ڊائريڪٽر جنرل پائيٽ نواب شاه ٿي آيو، جتان بدلي ٿي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم ٿيو. ان دوران کيس ڪجهہ وقت جي لاءِ تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي بہ چارج رهي. 2006 ۾ بورڊ آف ايجوڪيشن سکر ۾ جو چيئرمين ٿيو، جتي ساڍا چار سال رهڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو شھيد يونيورسٽي لياري ۾ ٽن سالن لاءِ فائونڊر رجسٽرار مقرر ٿيو آخرڪار اپريل 1969 کان شروع ٿيل سندس ڪيريئر جو سفر اچي 2014 ۾ پورو ٿيو.
ڊاڪٽر محبوب شيخ روٽري ڪلب ڪراچي (سنڌ ويلي) جو صدر. سنڌ ويزن جو سيڪريٽري جنرل ۽ صدر رھيو آھي.. هو آرٽس ڪائونسل ۽ سگا جو لائيف ميمبر پڻ آھي. هن ڪيترن ئي ملڪن جي ياترا ڪئي آهي جن ۾ روس، برطانيا، سعودي عرب، امريڪا، ڪئناڊا، فن لينڊ، جرمني، اٽلي، پولينڊ، چيڪوسلاويڪيا، مصر، ترڪي، بحرين ۽ سوئيڊن شامل آهن.
سندس ٻہ سفرناما ”ميھڙ کان ماسڪو“ ۽ ”ترڪيءَ ۾ چار مسافر“ ڇپيل آھن. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو ۽ ھڪ تنظيم سنڌ ويزن Sindh Vision جو سربراھہ آھي.
- جنم: 1946-07-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل