شاعر ڪالم نگار

هدايت بلوچ

نامياري شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي لڳ احمد پور ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو بہ سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي.
هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عھدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عھدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو.
ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا بہ ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ بہ سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر بہ رهيا. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ھدايت بلوچ جي ڪالمن جو مجموعو ”يادگيرين جا البم“ 2014ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”سارو ڏيھہ ڏکارو“ 2014ع ۾ ڇپيو.

  • جنم: 1948-06-06
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image