گل حسن گل ملڪ
سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ ولد الهوڌايو ملڪ ويٺل مبارڪپور تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد جنم 01-09-1967ع تعليم بي ايس سي، بي ايڊ ۽ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ناظره قرآن شريف پڙهيل، پيشو انگريزي استاد، هن وقت 16 اسڪيل ۾ ايڇ ايس ٽي طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور ۾ هڪ باڪمال محنتي ۽ جفاڪش قابل استاد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، گل حسن “گل” ملڪ سگهڙائپ جي دنيا ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. 1983ع کان وٺي هن وقت تائين پي ٽي وي ۽ ڪيترن ئي چئنلن تي پروگرام ڪندو رهيو آهي. هن 1980ع ۾ قابل استاد محمد سيفل ڀٽيءَ کان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌرايو ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ پير پاتو ستت ئي استاد جي وفات کان پوءِ هن پاڻ کي اڌورو سمجهندي سگهڙائپ جا وڌيڪ گُر سکڻ لاءِ استاد محمد سيفل ڀٽيءَ جي پهرئين ۽ مڃيل شاگرد سگهڙ بهار علي بهار “ٻرڙو” کان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌرايو. گل ملڪ پڙهيل ڪڙهيل هئڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ سگهڙائپ جون سڀئي منزلون طئي ڪري استاد سگهڙن ۾ ليکجڻ لڳو. هن جا ڪيترائي شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاري قوم کي روشن ڪري رهيا آهن. هو سدائين لوڪ ادب جي دنيا ۾ سرگرم نظر ايندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رات جو مٺڙي ننڊ ڦٽائي موبائيل تي ڪانفرنس ڪال ذريعي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن کي پاڻ ۾ ملائي ڏور- ڳجهارت ڏهس ۽ ٻين کوڙ سارين لوڪ ادب جي لاتين مان لطف اندوز ٿيندو آهي ۽ پنهنجي شاگردن کي به ان موبائيل سروس ذريعي سگهڙائپ جي سکيا ڏيندو آهي.
گل حسن “گل” ملڪ جا لوڪ ادب جي مهان ليکڪ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان به خط و ڪتابت ذريعي رابطا رهندا هئا. هن وقت به ڊاڪٽر صاحب جا هن ڏانهن لکيل خط وٽس موجود آهن. جيڪي هن تازو 5 آڪٽوبر2013ع تي سلات پاران سنڌ الاجي ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پٽ حوالي ڪيا.
گل حسن “گل” ملڪ هڪ ڪتاب (Book of pronunciation) اُچارن جي ڪتاب جو به مصنف آهي جنهن کي پسند ڪندي ڊاڪٽر صاحب ساراهه جو ڳو هن ڏانهن خط لکيو.
گل حسن “گل” ملڪ واديءِ مهراڻ جي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي.
هن جو تعارف ۽ شاعري جن ڪتابن ۾ ڇپي آهي، تن جا نالا هن ريت آهن:
1. سوچن جي سرهاڻ (سنڌ جي ناميارن شاعرن جو چونڊ ڪلام) مرتب: غلام مصطفيٰ “مشتاق” ميمڻ (مهراڻ اڪيڊمي)
2 سگهڙن جي ڊائريڪٽري، حصو پهريون 1991ع مرتب: عبدالله ورياهه سنڌي ادبي بورڊ
3. سنڌي شاعري فن کان فڪر تائين (عبدالوحيد جتوئي 1998ع)
4. سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري) ڇپايل مهراڻ اڪيڊمي 1999ع.
5. ڪچهريءَ جا مور: ثقافت کاتو
6. سهڻل جا سينگار: تنظيم فڪر و نظر، سنڌ
اڄ ڪلهه سنڌ بلوچستان جي نمائنده تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) جو هو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي.
- جنم: 1967-09-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل