مشڪور ڦلڪارو

محمد بخش (مشڪور ڦلڪارو) ولد شير محمد خان جو جنم 3 اپريل 1955ع تي، ڳوٺ صوفي آباد، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سال 1972ع  ۾، گورنمنٽ ھاءِ اسڪول رپ شريف ۾ ڏيئي ڪاميابي ماڻيائين. ھي سنڌ جو عظيم اسڪالر، محقق ۽ آدرشي انسان، ھن وقت ٽنڊي محمد خان جي شھر ۾ رهائش پذير آھي. ھن جو والد صاحب بنيادي طور ھڪ مسڪين ھر ھاريءَ ھيو. جنھن جي ڪري مشڪور صاحب پنھنجي مدد پاڻ تحت، ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ڏسي، ھمت ڪري، ايم اي، ايل ايل بي تائين پڙهي ويو. نوڪريءَ جي تلاش ڪندي، سڀ کان پھريان خانداني منصوبہ بندي کاتي ۾ فيلڊ موٽيويٽر مقرر ٿيو. ان بعد ھڪ انٽرويو ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ايئن ھو مختلف عھدن ۽ نوڪرين تي رهندي، عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ بعد، ۰۳ اپريل ۲۰۱۵ع تي باقاعدہ سرڪاري سروس تان ريٽائر ٿيو. سروس دوران پنھنجي پڙهائي بہ جاري رکندو آيو ۽ علمي ۽ ادبي کيتر ۾ شاعر، محقق ۽ بھترين اسٽيج ڪمپيئر طور بہ پنھنجي پاڻ کي مڃايائين. شاھ جي رسالي ۽ شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ کي، پنھنجي پسنديدہ موضوعن ۾ شامل ڪيائين. 
ادبي کيتر ۾ عملي طور پير پائڻ مھل، سڀ کان پھريان شاعري ڪيائين. جيڪا سنڌ جي سمورين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي. ان کان علاوہ تحقيقي ڪالم بہ لکڻ شروع ڪيائين ۽ ريڊيو پروگرامن ۾ بہ حصو وٺندو رهيو. ھن وقت تائين ھن جا جيڪي چار مستند ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن انهن ۾، ۱. “ٿر جي لوڪ ڏاھپ ۽ سائنس” (تحقيق)، ۲. “سنڌ ۽ سچ جي ساڃاھ” (شاعري)، ۳. “سنڌ جي ڪوھستان جو تاريخي جائزو” (تحقيق)، ۴. “سرسوتي تھذيب ۽ اڇڙو ٿر” (تحقيق) وڏي مڃتا ماڻي چڪا آھن. مشڪور ڦلڪاري صاحب جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۸ آھي. جيڪي ھن ريت آھن: ۱. سنڌي سماج جو تاريخي پسمنظر (تحقيق)، ۲. سوچون منھنجي ساھ جون (ايڪانيڪيون)، ۳. ۽ مون لکيو (مضمون، مقالا، ڪالم ۽ تاثر)، ۴. جيڪو گهاريم جيئن (آتم ڪٿا)، ۵. سنڌ جي تاريخ جي ڳولا جو سفر (تحقيق)، ۶. ۽ سنڌو مرڪي ڏنو (ناول)، ۷. آخري شام (تاريخي ناول) ۽ ۸. سنڌ جي سومرن جي تاريخ (تحقيق جاري).

  • جنم: 1955-04-03
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image