قرت العين حيدر

قرت العين حيدر 20 جنوري، 1926ع تي اتر پرديش جي شھر علي ڳڙھ ۾ پيدا ٿي. سندن والد سجاد حيدر يلدريم اردو جا پھريان افسانہ نگار سمجهايا ويندا آھن. تقسيم ھند کان پوء قرت العين حيدر جو خاندان پاڪستان ھليو آيو. 1959ع ۾ سندن ناول "آگ ڪا درياء" منظر عام تي آيو جنھن تي پاڪستان ۾ گهڻو ھنگامو ٿيو. ان کان فوراً پوءِ قرت العين ڀارت واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو جتي ھن صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيو  ۽ افسانا ۽ ناول پڻ لکندي رھي. ان کان علاوہ انھن ادبي ترجما پڻ ڪيا. سندن ڪتابن جو تعداد 30 کان وڌيڪ آھي. پاڻ 1964ع کان 1968ع تائين ماھناما "امپرنٽ" جي ادارت ڪندي رھي ۽ "السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا" ۾ اداريہ لکندي رهي. سندن ڪتابن جو انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي.
قرت العين جي سڀني ناولن ۽ ڪھاڻين ۾ ورھاڱي جو درد صاف نظر اچي ٿو. سندن ٻہ ناول، ”آگ ڪا درياءَ“ ۽ ”آخري شب جا ھمسفر“، اردو ادب جا شاھڪار سمجهيا وڃن ٿا. آخرِ شب جا ھمسفر لاءِ 1989ع ۾ کين ڀارت جي سڀ کان باوقار ادبي اوارڊ ”گيان پيٺ“ سان نوازيو ويو، جڏهن تہ ڀارتي حڪومت قرت العين کي 1985ع ۾ پدم شري ۽ 2005ع ۾ پدم ڀوشن جھڙا اوارڊ پڻ ڏنا. 11 سالن جي عمر کان ئي ڪھاڻيون لکڻ واري قرت العين حيدر کي اردو ادب جي ورجينيا وولف چيو ويندو آھي. سندن وفات 21 آگسٽ 2007ع تي نئين دھليءَ جي نوئيڊا اسپتال ۾ ٿي  ۽ جامعہ مليہ اسلاميہ جي قبرستان ۾ دفن آھي.

  • جنم: 1926-01-20
  • ورسي: 2007-08-21
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image