مختيار سمون

نامور اديب، تعليمي ماھر، سماج سڌارڪ ۽ شاعر مختيار سمي 18 آگسٽ 1960ع تي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ غريب گهراڻي  ۾ حڪيم يار محمد سمي جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم مقامي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ورتائين، باقي تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان مڪمل ڪري 1987ع ۾ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام ۾ استاد مقرر ٿيو. ان بعد 1991ع ۾ ڏوڪريءَ ۾ زيڊ.اي ڀٽو زرعي ڪاليج قائم ٿيڻ تي کيس اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جتي ھن ڪاليج ٽائيم کانپوءِ واري وقت ۾ تعليمي کوٽ جي پورائي لاءِ ’ناليج سينٽر‘ جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪيو، جتي نوجوانن کي انگريزي جي سکيا ڏني ويندي آھي. 1998ع ۾ ھن ھڪ ٻئي اداري ’انڊس اسڪول‘ جو بنياد وڌو، ھنن ادارن مان ھن وقت تائين ھزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري سماج ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آھن. ادبي خدمتن جي حوالي سان پاڻ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آھي. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ گذريل اٺن سالن کان سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي. سندس انگريزي، سنڌي ۾ ڪالم، مضمون ۽ شاعري پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. ھو سماجي شعبي ۾ پڻ انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ چائلڊ رائيٽس ڪميٽيءَ جو باني ڪوآرڊينيٽر رهيو آھي. عورتن جي حقن جي حوالي سان عورتن مٿان تشدد جي خاتمي لاءِ ھن ڪيترائي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا آھن. مختيار سمو تاريخ سان بہ گهري  دلچسپي رکي ٿو. پاڻ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ سان بہ سلهاڙيل آھي. سندس ھيٺيان ڪتاب ڇپيل آھن: (1) ’دنيا آھي گول‘ (ٻاراڻي شاعري: 1985ع)، (2) ’ڌرتي روشن ٿيندي‘ (ٻارن جي شاعري: 1991ع)، (3) ’وفائون منتظر آھن‘ (1997ع)، (4) ’عورت: ھڪ حيثيت ۽ تشدد‘ (2004ع). ن کان سواءِ سندس انگريزي گرامر جا ٽي ڪتاب ڇپيل آھن: (1) An easy approach towards English Grammer (2) Verb Guidance and Forms (3) Fundamentals of compound and complex sentences. سنڌ ثقافت کاتي طرفان ’ڌرتي روشن ٿيندي‘ ڪتاب تي ’مڃتا اوارڊ ۽ ادبي خدمتن تي ’زخمي چانڊيو يادگار اڪيڊميءَ‘ طرفان 2012ع ۾ ’بھترين استاد‘ اوارڊ ڏنو ويو.

  • جنم: 1960-08-18
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب