ايم ايڇ پنھور
محمد حسين ولد حاجي خان پنهور. 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ ڄائو. 1969ع ۾ اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ مان مڪئنيڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ بي. اي ڪيائين. 1953ع ۾ پرڏيهه مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ايم. ايس. سيءَ جي ڊگري ورتائين. 1953ع ۾ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهريون سنڌ ۾ زرعي انجنيئر ٿيو، بعد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو سپريٽينڊنگ انجنيئر ٿيو. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي تاريخ، جاگرافيءَ، قديم آثارن، معدنيات ۽ پاڻياٺ تي تحقيق ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. هن زير زمين پاڻيءَ (Underground water) تي 13 ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن سان تعلق رکن ٿا.
پنهور صاحب، پنهنجي شعبي ۾ ڄاتل سڃاتل عالم ۽ محقق هو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ سنڌ بابت مواد تي 6000 ڪتاب آهن. لڳ ڀڳ ايتروئي تعداد، انجنيئرنگ، زراعت، جانورن ۽ مڇين بابت ڪتابن جو اٿس. ان کان سواءِ سندس لائبرري ۾ تقريباً 3000 کن نقشا پڻ موجود آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صلاحڪار انجنيئر طور ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ سون جي تعداد ۾ سندس عالمانه مقالا لکيل آهن. پاڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وزيٽنگ پروفيسر به رهيو. سندس تصنيفن مان ڪجهه مکيه ڪتاب هيٺيان آهن:
(1) ’مسلمان عورت‘ (1945ع)،
(2)’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا پنج هزار سال‘،
(3) Ground Water in Hyderabad and Khairpur Division (1964).
Material on Sindh (1977). (4)
. Sindh Cutch Relation (1980) (5)
. Heroic Struggle of Sindh Against Freedom, 1500-1843 (1979) (6) Causes of Decline of Persian in Pakistan (1975). (7)
(8) Chronological Dictionary of Sindh (1983).
(9) Soowra Dynesty
سنڌ جو هي هونهار پٽ 21 اپريل 2007ع تي گذاري ويو.
- جنم: 1925-12-25
- ورسي: 2007-04-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل