ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
نامور اديب، ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ، ڊاڪٽر عبدالغفار ولد محمد پريل سومرو پھرين سيپٽمبر، 1951ع تي ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول خيرپور جوسي مان. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان. بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان ۽ ايم. ايس. سي رياضيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ حاصل ڪيائين. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ رياضيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي 1977ع تائين پنھنجا فرض سرانجام ڏنائين. ان وچ ۾ 1975ع ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايڪسٽرنل اميدوار طور فلسفي ۾ ايم. اي بہ ڪيائين ۽ 1976ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان منعقد ڪيل مقابلي جو امتحان پاس ڪري 21 مارچ 1977ع تي سول سروس DMG گروپ ۾ شامل ٿيو. 1979ع ۾ يونيورسٽي آف انگلينڊ مان ترقياتي اڀياس ۾ ڊپلوما ڪيائين. عبدالغفار سومري ادبي سفر جي شروعات لاڙڪاڻي شھر جي ادبي محفلن ۾ مقالن پڙهڻ سان ڪئي. جتي سندس واسطو نامور اديبن ۽ شاعرن سان ٿيو. سير سفر جي شوق ۾ پاڪستان جا تقريباً سڀ علائقا خاص طور تاريخي ماڳ مڪان ۽ شاھ لطيف تي ريسرچ ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان اندر ھنگلاج ۽ ڪيچ مڪران، ڪاڇي ۽ ڪوھستان جي ماڳن، مڪانن جو مشاھدو ڪري تحقيقي مضمون روزاني ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘، ’ڊان‘، ’نئين زندگي‘، ’مھراڻ‘ وغيرھ ۾ لکيائين. ھيءَ سنڌ اندر ٻين ڪيترن عھدن تي رهڻ کان سواءِ نوابشاھ ۽ بدين ضلعن جو 1986ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر، 1993ع ۾ ميرپورخاص ڊويزن جو ۽ 1994ع کان 1996ع تائين حيدرآباد جو ڪمشنر ٿي رهيو. ھن انهن عھدن تي رهڻ دوران ڪيترا تاريخي ڪم ڪيا. نوابشاھ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ نامور محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر حامد علي خانائي قريشيءَ جي تاريخي ۽ تحقيقي مقالن کي گڏ ڪرائي شايع ڪرايائين. اھڙيءَ طرح بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي دوران لاڙ ميوزم ۾ مولوي احمد ملاح لائبرريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيائين. 1988ع ۾ نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ Shah Abdul Latif and his Sufistic Thought جي موضوع تي فلسفي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. 1990ع دوران جڏهن ڪالونائيزيشن آفيسر سکر بئراج مقرر ٿيو تہ 1928ع کان 1989ع تائين نيڪال ٿيل زمينن جو تفصيلي وچور (Statistics) تيار ڪري The Sukkur Barrage Lands-Fizures Speak جي نالي سان شايع ڪرايائين. سنڌ روينيو بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ٿيل پنھنجن ضلعن جي گزيٽيئرن مان ٽن تي نظرثاني ڪري شايع ڪرايائين. انهيءَ عرصي دوران سنڌ روينيو ڪميشن جي رپورٽ ۽ سنڌ روينيو اڪائونٽس مينيوئل کي ايڊٽ ڪري پڌرو ڪرايائين. 1993ع ۾ سنڌ روينيو ايڪٽ ’Sindh Land Revenue Act 1967‘ جي سنڌي ترجمي تي نظرثاني ۽ درستيون ڪيائين، جيڪو ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ شايع ڪرايو. حيدرآباد ۾ ڪمشنر جي عھدي تي فائز رهندي ڀٽ شاھ ڪلچرل ڪاميٽيءَ جي چيئرمئن جي حيثيت ۾ شاھ لطيف جي رسالي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان ٿيندڙ تحقيق کي ٽن جلدن ۾ تيار ڪرائي شايع ڪرايائين. کيس سرڪاري نوڪريءَ دوران جن ملڪن گهمڻ جو موقعو مليو. انهن ۾ سعودي عرب، برطانيا، انڊونيشيا، سنگاپور، چين، ھانگ ڪانگ، فرانس، جرمني، اسپين، اٽلي، ترڪي وغيرھ شامل آھن. ھن ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو آھي. 1970ع ۾ جيمس جينس جي ڪتاب ’The Mysterious Uniforms‘ جو سنڌي ترجمو ڪيائين، جيڪو ’پراسرار ڪائنات‘ جي نالي سان سنڌ سائنس سوسائٽيءَ شايع ڪيو. 1978ع ۾ علامہ اقبال جي مشھور ڪتاب ’Reconstruction Of Religious Thought‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. جيڪو ’اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل‘ جي نالي سان 1982ع ۾ اقبال اڪيڊمي لاھور طرفان شايع ٿيو. 1982ع ۾ ’فلڪيات‘ (Astronomy) جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ پھريون ڪتاب لکيائين، جيڪو سنڌ سائنس بورڊ طرفان شايع ٿيو. 1995ع ۾ علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي تحريرن ۽ تقريرن جي مجموعي ’Casual Peeps at Sophia‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ شھيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي شرح ابيات کي سنڌي ترجمي ۽ توضيح سان سينگاري ڇپرايائين. ان کان سواءِ سندس شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ جي مڪمل سنڌي تشريح، تحقيق ۽ سنڌي ترجمو پڻ ڇپجي چڪو آھي. ھو سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ اينڊ ھيريٽيج جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو آھي. ھن اداري لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڄام شوري ۾ سنڌ سرڪار کان پلاٽ منظور ڪرائي، ان جي اڏاوت جو ڪم پڻ شروع ڪيو آھي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مزار ۽ ان جي مٿان چوڪنڊي مقبرو ٺھرائڻ ۾ پڻ سندس ڪردار وسارڻ جوڳو نہ آھي.
- جنم: 1951-09-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل