شاعر، صحافي ۽ ريڊيو ڪمپيئر

عزيز منگي

عزيز منگي شاعر، صحافي ۽ ريڊيو ڪمپيئر آهي. عبدالعزيز منگي سنڌ جي نالي واري اديب ۽ صحافي هدايت منگيءَ جو پٽ آهي. عزيز 18 نومبر 1968ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي (سنڌي)، بِي ايڊ جي تعليم پرائڻ سميت پِي.ٽِي.سِي پڻ ڪئي آهي. هُو نومبر 1990ع کان وٺي استاد طور سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان پڻ لاپاڳيل آهي.
عزيز لکڻ جي شروعات سائين هدايت منگيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ 1984ع ۾ ڪئي. سندس پھريون نظم ماهوار ”گل ڦل“ ۾ 1984ع ۾ ڇپيو. هن لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو آهي. هُن ”عزيز هدايت منگي“ ۽ ”عينميم“ جي نالن سان پڻ لکيو آهي. هُو 1984ع ۾ سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ بگي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ س.ا.س شاخ ڏوڪريءَ سان وابستہ ٿيو ۽ 1994ع کان س.ا.س شاخ لاڙڪاڻي سان سلھاڙيل آهي ۽ ٽنهي شاخن ۾ مختلف عھدن تي سرگرم ادبي ڪارڪن رهيو آهي. کيس س.ا.س ڏوڪري شاخ پاران بھترين ڪارڪن ۽ بھترين شاعر جي شيلڊ ملي ۽ س.ا.س مرڪز پاران ضلعي لاڙڪاڻي جي بھترين شاخ طور س.ا.س ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ايوارڊ وصول ڪيو. عزيز ”ساٿي ٻارڙا سنگت“ تعلقي ڏوڪريءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي ۽ مُھين جو دڙو اڪيڊميءَ جو 2007ع کان باني ميمبر ۽ چيئرمئن طور سلھاڙيل آهي. عزيز 1991ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو.

  • جنم: 1968-11-18
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image